|
آمريڪي ڪانگريس پاڪستان لاءِ اتحادي سپورٽ فنڊ نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان مشروط ڪري ڇڏيو، امداد روڪڻ جو بل اڪثريت راءِ سان رد واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ/نيوز ايجنسيز) آمريڪي ڪانگريس پاڪستان جي امداد روڪڻ بابت بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اتحادي سپورٽ فنڊ کي نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان مشروط ڪرڻ جو ترميمي بل منظور ڪيو آهي، رپورٽن موجب آمريڪي ايوان نمائندگان ڪانگريس ۾ پاڪستان کي ڏني ويندڙ امداد بابت بل تي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن دوران بل جي مخالفت ۾ 335 ۽ حمايت ۾ 84 ووٽ پيا، اهڙي طرح اهو بل اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو، پاڪستان ٽيرراڪائونٽبليٽي ايڪٽ 2012ع جي نالي سان اهڙو بل آمريڪي سينيٽر ڊانا روهرا بيڪر پيش ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هر آمريڪي جي مارجڻ جي بدلي ۾ پاڪستان کي ڏني ويندڙ امداد مان 5 ڪروڙ ڊالرز ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ پاڪستان کي ڏني ويندڙ فوجي ۽ سويلين امداد کي مڪمل طور تي روڪڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان کي اتحادي سپورٽ فنڊ جي فراهمي نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان مشروط ڪرڻ جو بل به پيش ڪيو ويو، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، بل جي حق ۾ 412 ۽ مخالفت ۾ رڳو هڪ ووٽ پيو، بل مطابق پاڪستان کي ڏني ويندڙ امداد کي نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان مشروط ڪيو ويو آهي، بل ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي ۽ رستا کولڻ تائين اتحادي سپورٽ فنڊ روڪيا وڃن، بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ ۽ ڌماڪيدار مواد جي حوالي سان قدم کڻي، ان بابت بل به سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ صدر اوباما جي صحيح بعد اهو باقاعده قانوني بڻجي ويندو. واضح رهي ته پاڪستان سلالا چيڪ پوسٽ تي نيٽو جي حملي بعد نيٽو سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير شيري رحمان واشنگٽن ۾ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سلالا چيڪ پوسٽ حملي تي آمريڪا کان معافي واري مطالبي کان پوئتي نه هٽيو آهي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حفاظت پاڪستان جو حق آهي، پاڪستان ان کان پهرين ايڏو ڪڙو آمريڪا جهڙي سپر پاور سان احتجاج رڪارڊ نه ڪرايو آهي، هن چيو ته شڪاگو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شموليت وڏي اهميت رکي ٿي. هوڏانهن هڪ آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا سلالا چيڪ پوسٽ واقعي تي ڪيترائي ڀيرا معافي گهرڻ تي غور ڪيو ۽ پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن سلالا حملي تي معافي گهرڻ لاءِ پاڪستان رواني ٿي پر کيس صدر اوباما واپس گهرائي ورتو، آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي. صدر اوباما جو خيال هو ته معافي گهرڻ آمريڪا جي غلطي کي ظاهر ڪندو، اخبار مطابق پينٽاگون حملي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجين جي گهر وارن کي معاوضو ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي پر پاڪستان معافي بغير معاوضي کي رد ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا سلالا حملي تي پاڪستان کان معافي نه وٺڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، غير ملڪي ميڊيا هڪ آمريڪي عهديدار جي حوالي سان چيو آهي ته اهڙو فيصلو اعليٰ آمريڪي قيادت جي گڏيل مشاورت بعد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان آمريڪي اختيارين درجن وڊيو ڪانفرنسون ٿيون، جڏهن ته وائيٽ هائوس ۾ 20 اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيا جڏهن ته اختيارين وچ ۾ ان حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيتريون اي ميلز به ڪيون ويون. هڪ آمريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته اسان ان تي ڳالهين جي انتظار ۾ آهيون ته پاڪستان ۾ اُساما جي موجودگي تي اسلام آباد ڪڏهن معافي وٺندو. جڏهن ته آمريڪي فورس سلامتي جي صلاحڪار ٽام ڊوني لون چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ کولڻ جي حوالي سان پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن، ان معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ٽام ڊوني لون هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا پاڪستان کان سلالا چيڪ پوسٽ حملي واري واقعي تي معافي نه گهرندو. جڏهن ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي اختيارين چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ڳالهيون جاري آهن، واقعي تي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري چڪا آهيون، ڪوشش آهي ته واقعي کانپوءِ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن کي ختم ڪري سگهون. |
|
The Kawish Group of
Publication |