اسڪريپ ڪيس ۾ گرفتار ريلويز جو اڳوڻو جي ايم ريلوي انجڻن

جي مرمت جي ڪرپشن ۾ به ملوث نڪتو، رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي جا انجڻ مرمت ڪرائڻ واري ڪيس ۾  احتساب عدالت ريلوي جي اڳوڻي جنرل مئنيجر سعيد اختر کي وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي، لاهور جي احتساب عدالت ۾ اسڪريپ ڪيس دوران نيب جي پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اسڪريپ ڪيس ۾ اڳوڻي جي ايم ريلوي خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن مان وڌيڪ پتو پيو آهي ته اڳوڻي جي ايم ريلوي خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن مان وڌيڪ پتو پيو آهي ته اڳوڻي جي ايم چيني انجڻن جي مرمت ۾ به ڪرپشن ڪئي آهي، ان مامري جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار کي 25 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪريو وڃي، عدالت اهڙي درخواست جي موٽ ۾ جوابدار کي 15 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com