بند ٽوڙڻ جون ڳالهيون افسانه آهن، الطاف سميت سڀني اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين:صدر
ڪراچي
(رپورٽ:ارشاد گلاباڻي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مخالف اسان جي مخالف جو ڪم
ڪن، سياسي اداڪار پنهنجي اداڪاري وارو ڪم ڪن ۽ اسان پنهنجو
ڪم ڪندا رهنداسين. آئون وڏي ۾ وڏي سياسي اداڪار کان پڇان ٿو ته هو اهو ٻڌائي ته
سندس ٻار هن وقت ڪٿي آهن، منهنجا ٻار ته ڏکي گهڙيءَ ۾ ملڪ ۾ آهن ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن
جي سهائتا لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ”هن جو“ پيءُ پاڪستان ٺهڻ وقت سائيڪل تي هلندو هو
پر هو هن وقت رائيس رولز ڪار ۾ هلي ٿو. هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي گورنر هائوس ۾ برک
شهرين ۽ واپارين سان گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو. ان موقعي تي صدر گورنر هائوس ۾ ٻارڙن سان گڏجي
ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ امدادي سامان جي پيڪينگ ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته بند
ٽوڙڻ واريون ڳالهيون افسانه آهن ۽ اهو سياسي اداڪارن جو ڪم آهي، جيڪي ڪهاڻيون گهڙي
رهيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي شروعاتي ڏينهن ۾ آئون جڏهن برطانيا جي دوري تي ويس ته
منهنجي خلاف هڪ مخصوص گروپ مهم هلائي پر آئون ”هرڪوليس“ نه هئس جو ٻوڏ کي روڪيان پر
منهنجا ٻار ان وقت به ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪم ڪندا رهيا. هن چيو ته سياسي
اداڪارن کي مخالفت بند ڪري پاڻ صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته هالي ووڊ جي
اداڪارا اينجلينا جولي ڪو ائين ئي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي نه آئي
آهي پر ان لاءِ مون کي ڪنهن کي چوڻو پيو ته جيئن دنيا جون نظرون اسان تي پون ۽ اسان
جي وڌ کان وڌ سهائتا ٿي سگهي. هن چيو ته سياسي مخالفن ۽ سياسي اداڪارن پاران منهنجي
برطانيا جي دوري تي سخت تنقيد باوجود آئون عالمي برادري جو ڌيان ٻوڏ سٽيل علائقن تي
ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. هن چيو ته الطاف حسين جي تنقيد کي آئون تدبير سمجهان ٿو
۽ اسين ايم ڪيو ايم سميت سڀني اتحادي ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين. مون سنڌ سرڪار کي
هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ رٿائون جوڙيون وڃن. هن چيو ته
اسان کي بنا ڪنهن فرق جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا ۽ بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،
هن تمام وڏي قدرتي آفت سان قومي ٻڌي ۽ ايڪتا وسيلي ئي مقابلو ڪري سگهون ٿا. سياسي
ڌرين کي به ان ڪم ۾ متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته واپاري برادري ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي دل
کولي مدد ڪري. اسان عالمي برادريءَ جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي سهائتا ڪئي آهي.
هن چيو ته اسان امداد ۽ بحاليءَ لاءِ جيڪو به خرچ ڪنداسين، ان جا انگ اکر ويب سائيٽ
تي موجود هوندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ بنيادي ڍانچي کي تمام وڏو هاڃو
پهتو آهي پر اسان چئلينج کي موقعن ۾ تبديل ڪنداسين ۽ بنيادي ڍانچي کي بحال ڪري
سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. صدر چيو ته اسان هڪ بهتر پاڪستان ۽ بهتر سماج
ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ڌڻي تعاليٰ جي مهرباني ۽ عوام جي مدد سان اسان پاڪستان
کي بهتر بڻائينداسين.هوڏانهن صدر آصف علي زرداريءَ سان ڪالهه هتي فوج جي سربراهه
جنرل اشفاق پرويز ڪياني ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي صورتحال
۽ ملڪ جي مجموعي سلامتيءَ واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن ٻڌايو ته
ملاقات ۾ فوج جي سربراهه حڪومت پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فوج جي امدادي سرگرمين واري
ذميواري ڏيڻ کانپوءِ فوج پاران ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ امدادي سرگرمين ۾ ڪيل ڪمن بابت
ڄاڻ ڏني ۽ ٻڌايو ته نه رڳو بري فوج پر هوائي فوج توڙي سامونڊي فوج امدادي سرگرمين ۽
ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ وارن ڪمن ۾ رڌل آهي. ذريعن موجب گڏجاڻيءَ ۾ ان تي اتفاق ڪيو ويو
ته ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي مڪمل بحاليءَ تائين حڪومت جي سڀني ڪوششن سان فوج گڏ هوندي ۽
ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. گڏجاڻيءَ ۾ ملڪ جي مجموعي سلامتي
واري صورتحال ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن تي پڻ ويچاريو ويو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته
دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، ٻئي طرف گورنر سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري ڪامران
لاشاري به صدر سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي.
The Kawish Group of
Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167
Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com