ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا قتل، مختلف علائقن ۾ ڇڪتاڻ، خوف

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري، ڪالهه متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن سميت وڌيڪ 6 ڄڻا مارجي ويا. لياري ۾ خميس ڏينهن زخمي ٿيل هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سگهندي ڪالهه فوت ٿي ويو. ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن سبب مختلف علائقن ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي. آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق احمد شاهه چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي تازي لهر جي سببن بابت جاچ ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا ويا آهن جن مان هڪ جي جي آءِ ٽي ٿي رهي آهي. ڪالهه شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي ۾ جامع فاروقيه مسجد ۽ مدرسي واري روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري متحده جي ڪارڪن محمد ڪامران شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي وئي ۽ ڪاروبار بند ٿي ويو. مقتول جو لاش اسپتال نيو ويو کيس جسم جي مختلف حصن تي 6 گوليون لڳيون ۽ هن ٿڏي تي دم ڏنو.هوڏانهن شيرشاهه ٿاڻي جي حد لياري ايڪسپريس وي شاهجهان هوٽل ويجهو سوزوڪي پڪ اپ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 38 سالن جي غلام خان ولد بخت زمين خان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب مقتول سوزوڪي ڊرائيور هو ۽ نيو سبزي منڊي سهراب ڳوٺ ۾ رهندو هو اصل خيبر پختونخوا جو رهواسي هو. مقتول جي چاچي ابراهيم جي فرياد تي نامعلوم ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بلديه ٽائون ٿاڻي جي حد ڄام نگر جي انجام ڪالوني واري علائقي ۾ هٿياربندن ٻن ڀائرن 22 سالن جي بشير ولد امير بخش ۽ 25 سالن جي مريد ولد امير بخش کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب مقتول علائقي ۾ حجام جو دڪان هلائيندا هئا ۽ معمول موجب گذريل رات دڪان بند ڪري وڃي رهيا هئا ان دوران نامعلوم ملزمن کين سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو. مقتول بهاولپور جا رهواسي هئا. واقعي بابت مقتولن جي عزيز محمد احمد جي فرياد ۾ نامعلوم ملزمن خلاف ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لياقت آباد ٿاڻي جي حد سنڌي هوٽل ويجهو 25 سالن جي نامعلوم نوجوان جو ٻوري بند پرتشدد لاش هٿ آيو آهي جنهن کي ٻئي ڪنهن هنڌ تان اغوا بعد گوليون هڻي قتل ڪري لاش ٻوري ۾ وجهي اڇلايو ويو آهي. پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب سرڪاري فرياد ۾ نامعلوم ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن شاهه لطيف ٿاڻي جي حد سيڪٽر 16ڊي ۾ هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري صابر علي ولد فيض محمد نالي همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو. ابتدائي ڄاڻ ڏيندي شاهه لطيف پوليس ٻڌايو ته مقتول علائقي مان پيادل ئي گذري رهيو هو ان دوران موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس 3 گوليون لڳيون ۽ هو ٿڏي تي مارجي ويو. مقتول جي سڃاڻپ سندس سڃاڻپ ڪارڊ سان ٿي آهي، هو چارسده جو رهواسي هو ۽ سندس ڪراچي ۾ رهائش توڙي وارثن بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. جڏهن ته خميس ڏينهن رات جي وقت لياري جي ٻڪراپڙي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل مراد جان ولد ظفر ڪالهه سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سگهي فوت ٿي ويو. آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق احمد شاهه خميس ڏينهن بلديه ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل 2 پوليس اهلڪارن جي گارڊن هيڊڪوارٽر ۾ جنازي نماز ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي قيادت تازي دهشتگردي جي لهر جو حل ڳولڻ لاءِ اعليٰ سطحي گڏجاڻيون ڪري رهي آهي جڏهن ته پوليس به جاچ ڪري رهي آهي ته اوچتو هي ٻورين ۾ بند لاش ملڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ڇو وڌي ويا آهن. هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ وارن ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ پوليس ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا آهن جن مان هڪ ملزم پنهنجي ساٿين ۽ وارداتن جي ڊگهي لسٽ ٻڌائي آهي جنهن کي پڇاڳاڇا لاءِ جي آءِ ٽي حوالي ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ واري حوالي سان ٻه ٽي ڳالهيون اچن ٿيون. هڪ ته هنن هٿياربندن کي روڪيو ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي، ٻي اها ته پوليس پاران روڪڻ تان خوف کان هٿياربندن اڳواٽ ئي پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، ٽين اها ته منشيات جا اڏا هلائيندڙن پوليس تي حملو ڪيو آهي. ان حوالي سان جاچ جاري آهي. آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي سڄي سنڌ ۾ 100 سيڪڙو بروقت معاوضا ملي رهيا آهن عدالت ذريعي سندن وارث جي تصديق وارو مسئلو پهريان هو جيڪو پڻ هاڻي ختم ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته مان ايئن نٿو چوان ته اسان جيڪي ملزم پڪڙيون ٿا اهي عدالت ڇڏي ڏئي ٿي پر اصل ۾ مسئلو ڪيسن جي جاچ ۾ آهي. لياري آپريشن بابت سوال تي آءِ جي سنڌ چيو ته لياري ۾ آپريشن وقت شهر ۾ ڀتاخوري گهٽ ٿي هئي باقي جيڪي واقعا ٿين ٿا اهي هڙئي لياري سان تعلق نٿا رکن. هن چيو ته مناسب وقت تي لياري ۾ ٻيهر آپريشن ڪيو ويندو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com