|
هم خيال گروپ جي قيادت اڄ نواز شريف سان ملاقات ڪري باضابطا اتحاد جو اعلان ڪندي لاهور(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان هم خيال گروپ جي قيادت اڄ ملاقات ڪري باضابطه اتحاد جو اعلان ڪندي . نواز شريف جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسلم ليگ هم خيال گروپ جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ ڇنڇر ڏينهن جاتي عمراءِ فارم هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪندو ۽ ملاقات بعد ٻنهي جماعتن جا جنرل سيڪريٽري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ مسلم ليگ هم خيال گروپ جي اڳواڻن جي مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ ٻنهي جماعتن ۾ اتحاد جي حوالي سان اصولي اتفاق ڪيو ويو هو . ذريعن موجب اڄ ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ بعد ٻنهي جماعتن ۾ اتحاد جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. ملاقات ۾ هم خيال گروپ جا اهم اڳواڻ حامد ناصر چٺا، سليم سيف الله، همايون اختر ۽ ٻيا شامل هوندا ۽ حامد ناصر چٺا جي مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان 14 سالن بعد ان قسم جي پهرين ملاقات هوندي. |
|
The Kawish Group of
Publication |