اسلام آباد (بيورو رپورٽ)
سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، وڏو نقصان ماڻهن جي ضد سبب ٿيو: وزير اعظم
ڪراچي (بيورو رپورٽ/اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جيڪي سنڌ ۾
درياءَ کي گهارا پيا آهن، انهن جي انڪوائري ڪرائي وڃي، مان ان جو حامي آهيان، ٻوڏ
سبب سنڌ ۾ ٻين صوبن کان گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اسان شهيد محترمهبينظيرڀٽو جي
صوبي سنڌ کي بچائڻ لاءِ هرممڪن قدم کڻنداسون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه
وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد
قائم علي شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پڻ موجود هو. وزيراعظم سيد يوسف رضا
گيلاني وڌيڪ چيو ته اسان ٻوڏ جي متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو
اجلاس گهرايو آهي. ان ۾ صوبا پنهنجا پنهنجا مطالبا رکندا ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين ۽
نقصانن بابت ٻڌائيندا. ڪائونسل جي اجلاس ۾ جيڪو گڏيل فيصلو ٿيو، ان تي عملدرآمد
ڪنداسين. اسان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ قدم کڻون.
جيڪي ماڻهو ٻوڏ ۾ ٻڏا آهن، ان ۾ انهن جو ضد به شامل هو، ڇو جو انتظاميا ماڻهن کي
ٻوڏ جو اڳواٽ اطلاع ڏئي کين محفوظ هنڌن تي وڃڻ لاءِ چيو هو پر ماڻهو ٻاهر نه نڪتا ۽
پاڻ کي بچائي نه سگهيا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اڃا تائين ڦاٿل آهن، جن لاءِ ريسڪيو
ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته سکر ۾ 2 سئو بسترن تي ٻڌل ايمبرجنسي اسپتال جو قيام عمل ۾
آندو ويو آهي ۽ اسان ريلوي جي وزير کي پڻ چيو آهي ته اهو سکر ۾ موجود ريلوي جي
اسپتال ۾ پڻ ٻوڏ جي متاثرن جي علاج لاءِ ڪم ڪري، ساڳي ريت ٻوڏ جي علائقن ۾ مختلف
بيمارين جي خاتمي لاءِ ايئر اسپري به ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن وڌيڪ بيماريون نه
پکڙجي سگهن. هن چيو ته گلگت بلتستان، ڪشمير، پنجاب، ۽ خيبرپختونخوا کانپوءِ ٻوڏ آخر
۾ سنڌ ۾ آئي ۽ هن ٻوڏ ۾ سنڌ اندر سول ادارن ۽ حڪومت متاثرن کي ڪڍڻ لاءِ وڏي جاکوڙ
ڪئي. ٻوڏ ۾ ڪن علائقن ۾ ماڻهو اڃا به ڦاٿل آهن، انهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا
آهيون پر اڃا به هو اتان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن، متاثرن کي روڪ امداد عيد کان اڳ ڏيڻ
جو فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو مائٽن وٽ
رهن ٿا، حڪومت اڪيلي سر ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي، صدر ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن کي
وڏي حد تائين گهٽايو ويو آهي، ضرورت پئي ته وڌيڪ گهٽايو ويندو، متاثرن جي مسئلن ۽
مشڪلاتن کان واقف آهيون، وزيراعظم چيو ته گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين وبائي مرضن کان
بچاءُ لاءِ سنڌ ۾ متاثر علائقن ۾ ڦوهارو ڪرايو ويندو. وبا کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم
کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بحران کي منهن ڏيڻ هڪ قوم جي وس جي ڳالهه نه آهي.سڄي
دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو.بند ٽوڙڻ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته مون ان
حوالي سان بند ٽٽڻ جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مختلف بندن کي هٿ
سان ٽوڙڻ جون شڪايتون مليون آهن. متاثر ماڻهن کي روڪ امداد ڏيڻ بابت سوال جو جواب
ڏيندي وزيراعظم چيو ته متاثرن کي روڪ امداد عيد کان اڳ ڏجي يا بعد ۾ ان جو فيصلو
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ مشاورت سان ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ اڪثر متاثر ماڻهو
پنهنجي مائٽن وٽ ترسيل آهن، ڪئمپن ۾ متاثرن جو انگ گهٽ آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو صوبو آهي. هن صوبي ۾ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۾
ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته سڀ کان وڌيڪ تباهي
خيبرپختونخوا ۾ ٿي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ گهٽ نقصان ٿيو آهي، سنڌ ۾ ماڻهن جي ضد
سبب نقصان ٿيو.
The Kawish Group of
Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167
Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com