سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار گرمين ۾ تعليمي ادارن جون موڪلون جون ۽ جولاءِ بدران جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سرڪاري ذريعن موجب اهڙو اعلان رمضان ۽ عيدالفطر جي موڪلن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي موڪلون به گرمين جي موڪلن ۾ اچي وڃن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پڙهائي متاثر نه ٿئي، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تعليمي ادارن ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ موڪل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تعليم کاتي پاران سمري موڪلي وئي هئي ته گرمي جون موڪلون جون ۽ جولاءِ بدران پهرين جولاءِ کان 31 آگسٽ تائين ڪيون وڃن، اهڙي سمري جي وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ ٻن مهينن جي موڪلن کانپوءِ اسڪول پهرين سيپٽمبر تي کلندا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com