بلوچستان جي ڇهن تنظيمن تي پابندي،ايف سي کي پوليس جا اختيار ملي ويا،ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪنداسين:وفاقي سرڪار

ڪوئيٽا(بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڇهن تنظيمن تي پابندي هڻندي چيو آهي ته صوبي ۾ صرف ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي ويندي، ايف سي کي پوليس وارا اختيار ڏنا پيا وڃن، هاڻي گهڻو ٿي ويو، دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف ڏنڊو استعمال ڪيو ويندو، ايف سي کي پوليس جا اختيار ڏيڻ لاءِ ذميواري وڏي وزير حوالي ڪئي وئي آهي، ڪارروائي سوات يا وزيرستان واري آپريشن وانگر نه هوندي، ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪنداسين، اهڙا اعلان ڪالهه گهرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيا، ان کان اڳ هن بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي ۽ گورنر نواب ذوالفقار مگسي سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، انهن گڏجاڻين ۾ بلوچستان جي ڇهن تنظيمن بلوچستان ريپبلڪن آرمي، بلوچ لبريشن فرنٽ، بلوچستان لبريشن يونائيٽيڊ فرنٽ، بلوچ دفاع تنظيم، بلوچستان لبريشن آرمي ۽ لشڪر بلوچستان تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ انهن تنظيمن  جا بئنڪ اڪائونٽ به منجمند ڪيا ويندا، بعد ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جن 6 تنظيمن تي پابنديون هنيون ويون آهن اهي علحدگي پسند آهن، اهي تنظيمون دهشتگردي ۾ ملوث آهن، انهن تنظيمن جو مقصد پاڪستان کي ٽوڙڻ آهي، انهن تنظيمن کي پنهنجا مطالبا ملڪ اندر رهي پرامن نموني مڃرائڻا پوندا، هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪارروائي لاءِ ايف سي کي پوليس جا اختيار ڏنا پيا وڃن، هن واضح ڪيو ته صوبي ۾ آپريشن نه پر ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ايڪشن صوبائي حڪومت جي صوابديد تي هوندو، جتي به حڪومت جي رٽ چئلينج ٿيندي اتي پوليس ۽ ايف سي گڏجي ڪارروائي ڪندي، رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته جنهن به تنظيم آڏو لشڪر، لبريشن يا ملٽري جو نالو هوندو اها تنظيم پابندي هيٺ هوندي، هن چيو ته ايف سي (فرنٽيئر ڪور) ۾ خالي پيل 2500 جاين تي بلوچستان جا مقامي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com