اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ڪراچي ايندڙ ٻوڏ سٽيلن جو تعداد لک کان وڌي ويو،47 رليف ڪئمپون قائم ٿيل ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن مان ڪراچي ايندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ لک کان وڌي ويو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار رليف ڪئمپون لاڳيتو وڌائي رهي آهي ۽ ڪالهه تائين رليف ڪئمپن جو تعداد 47 ٿي ويو آهي، جن ۾ 64 هزار 3 سئو 18 ٻوڏ سٽيل ماڻهو پهچي چڪا آهن، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو تعداد به شامل آهي پر هڪ اندازي موجب 40 کان 50 هزار ماڻهو اڃا به سرڪار جي ڪئمپن کان ٻاهر ترسيل آهن. اهي ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن، مختلف سياسي ڌرين ۽ سرندي وارن توڙي اين جي اوز جي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. هوڏانهن سنڌ سرڪار ڪالهه پپري ۾ هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي امدادي ڪئمپ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي گدامن آڏو وڏي ميدان تي قائم ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ترسائڻ جي گنجائش آهي پر ڪالهه تائين اتي 6 هزار 5 سئو 71 ماڻهو پهتا. ڪراچي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ ماڻهو گڏاپ ٽائون واري ڪئمپ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي فليٽن ۾ ترسيل آهن، جن جو انگ 12 هزار 8 سئو 9 آهي. جڏهن ته بن قاسم ٽائون جي علائقي رزاق آباد جي پولي ٽيڪنڪ اسڪول واري ڪئمپ ۾ 7 هزار، خيما وسندي ۾ 7 هزار، سائيٽ جي پولي ٽيڪنڪ ڪاليج واري ڪئمپ ۾ 4 هزار ۽ گڏاپ جي پبلڪ اسڪول ۾ 3 هزار 4 سئو 50 ٻوڏ سٽيل ترسيل آهن. ان کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم سنڌ سرڪار جي 41 ننڍين ننڍين ڪئمپن ۾ پڻ هزارين ٻوڏ سٽيل ترسيل آهن. اهي ٻوڏ سٽيل شڪارپور، غوثپور، ڪرم پور، جيڪب آباد، ٺُل، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، مٽياري، گهوٽڪي، ٺٽي، سجاول، دڙي، ميرپوربٺوري ۽ جاتي سميت ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن مان آيا آهن. |
|
The Kawish Group of
Publication |