ڪراچي (بيورو رپورٽ)

برطانيا پاران سکر بئراج جي ريماڊلنگ لاءِ ماهرن جي ٽيم موڪلڻ جي خاطري، وڌيڪ فنڊ ڏيڻ جو اعلان

سکر(بيورو رپورٽ/ ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ/اين اين آءِ/اي پي پي) برطانوي نائب وزير اعظم نڪ ڪليگ پاڪستان حڪومت جي درخواست تي سکر  بئراج جي جائزي ۽ ان جي ريماڊلنگ لاءِ پنهنجي ماهرن جي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي خاطري ڪرائي آهي، صدر آصف علي زرداري سکر پهتل برطانوي نائب وزير اعظم  نڪ ڪليگ سان هڪ ڪلاڪ تائين ٿيل ملاقات ۾ کيس درخواست ڪئي ته پرائيڊ آف برٽش گورنمينٽ سکر بئراج کي برطانوي ماهرن ٺاهيو هو، تنهن ڪري ان بئراج جو جائزو وٺڻ، 15 لک ڪيوسڪ جي ڊزائين ڊسچارج لاءِ ريمانڊلنگ ڪرڻ ۽ پختو ڪرڻ لاءِ برطانوي ماهرن جي ٽيم موڪلي وڃي، برطانوي نائب وزير اعظم کيس خاطري ڪرائي ته سکر بئراج کي پختو ڪرڻ لاءِ  برطانوي ماهرن جي ٽيم لاءِ ضرور موڪلي ويندي، صدر زرداري ملاقات ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين خاص طور تي سنڌ ۾ لکين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ امدادي ڪمن بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته پاڪستان سرڪار اڪيلي سر ڪروڙين متاثرين جي مڪمل واهر ڪري نٿي سگهي، سندن پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن واپسي توڙي گهر اڏڻ لاءِ عالمي امداد جي ضرورت آهي، برطانوي حڪومت ان ڏس ۾ مدد ڪري، برطانوي وزير اعظم صدر زرداري ۽ پاڪستان جي عوام کي يقين ڏياريو ته هن ڏکئي گهڙي ۾ برطانوي حڪومت ۽ عوام کين اڪيلو نه ڇڏيندو، برطانوي پاران 64 لک پائونڊن جي امداد ڏني وئي آهي، متاثرين جي بحالي وقت وڌيڪ امدادي رقم پڻ جاري ڪئي ويندي، ملاقات بعد صدر زرداري هيليڪاپٽر ذريعي نئين ديري ۽ برطانوي وزير اعظم ڪراچي روانو ٿي ويو، ان کان اڳ برطانوي نائب وزير اعظم نڪ ڪليگ ڪالهه صبح جو اسلام آباد کان خصوصي جهاز ذريعي سکر ايئرپورٽ پهتو جتي هن ايئرپورٽ ڀرسان قائم ڪيل مختلف امدادي ڪئمپن جو دورو  ڪيو، بعد ۾ سکر ايئرپورٽ تي سنڌ جي صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه نقشن ۽ چارٽن جي مدد سان بريفنگ ڏني، هوڏانهن صدر جي ترجمان فرحت الله بابر صحافين کي ٻڌايو ته صدر برطانوي نائب وزير اعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان ڊولپمينٽ فورم جو اجلاس جلد اسلام آباد ۾ ڪوٺايو ويندو ته جيئن ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ مالي امداد حاصل ڪري سگهجي، هن برطانيا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڏنو ته هو مناسب سطح تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com