ٻوڏ کان شهرن کي بچائڻ لاءِ وارهه ۾ شٽربند هڙتال،باڊهه ۾ جلوس،ڌرڻا،باهيون

وارهه/باڊهه(نمائندن وٽان) ٻوڏ واري پاڻي کي دادو طرف رستو نه ڏيڻ خلاف ۽ شهرن کي بچائڻ لاءِ وارهه ۽ باڊهه واسين سخت احتجاج ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وارهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي وارهه شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي، اڳوڻي يوسي ميرپور جي نائب ناظم غوث بخش چولياڻي جي اڳواڻي ۾ شهرين جلوس به ڪڍيو،ان دوران وارهه بچايو، وارهه بچايو جا زوردار نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چونڊيل نمائندا رڳو آسرا ڏئي رهيا آهن، باقي شهر بچائڻ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪن، هنن چيو ته ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏئي وارهه کي بچايو وڃي، هوڏانهن باڊهه ۾ امڪاني ٻوڏ اچڻ خلاف باڊهه واسين به احتجاج ڪيو آهي، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران شهر جي درگاهه شريف کان قادر بروهي، نور محمد بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، شهرين بچايو بچايو باڊهه کي بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، هنن ٿاڻو چوڪ، حيدر چوڪ ۽ اسٽيشن روڊ تي ڌرڻا به هنيا ۽ ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏئي وارهه کي بچايو جا نعرا به هنيا،  جنهن کانپوءِ احتجاج ڪندڙ شهرين حيدر چوڪ وٽ پهچي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته لياقت جتوئي ۽ ٻيا وڏيرا هڪ سازش تحت هٿرادو ڪٽ هڻي گاجي کهاوڙ واري ٻوڏ جو پاڻي باڊهه طرف آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن سان باڊهه تاريخي شهر ٻڏڻ جو امڪان آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي واري وهڪري کي فطري رستو ڏئي علائقي کي وڏي تباهي کان بچايو وڃي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com