(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ نادرا جي نظام تي اعتراض واري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ وفاقي اداري نادرا پاران تجويز ڪيل نظام تي اعتراض واري ڇڏيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جي اٽڪل 50 سيڪڙو آباديءَ جا رجسٽريشن جو بنياد بڻايل نوان قومي سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل ناهن، ان ڪري خدشو آهي ته 50 سيڪڙو ٻوڏ ستايل رجسٽريشن جي عمل کان ٻاهر رهجي ويندا ۽ امداد کان محروم ٿي ويندا. معاملي تي وڌيڪ غور لاءِ صدر آصف علي زرداريءَ خميس ڏينهن نادرا ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ورتي آهي. ڄاڻو ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب 25 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ملڪ جي ٻوڏ ستايلن کي مالي امداد ڏيڻ جي معاملي تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين جنرل نديم جي صدارت هيٺ چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن جي هڪ گڏجاڻي ٿي ان گڏجاڻيءَ کي ٻڌايو ويو ته نادرا کي سوات آپريشن جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل آءِ ڊي پيز کي مالي امداد ڏيڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري امداد لاءِ مستحق عورتن کي بينظير سمارٽ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو پهريان ئي تجربو موجود آهي. ان ڪري ٻوڏ ستايلن کي مالي امداد ڏيڻ لاءِ پڻ کين نادرا ذريعي رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب گڏجاڻيءَ کي ٻڌايو ويو ته ان رجسٽريشن جو بنياد ڪٽنب جي وڏي جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ هوندو. قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ ان ماڻهو جي نادرا جي رڪارڊ ۾ به ڪٽنب جي وڏي طور داخلا ٿيل هجڻ ضروري آهي. سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ڏنل مستقل ۽ عارضي پتي مان ڪوبه هڪ پتو ٻوڏ هيٺ آيل علائقي سان تعلق رکندڙ هجي. بريفنگ موجب رجسٽريشن جو طريقيڪار اهو هوندو ته متاثر ماڻهو رجسٽريشن لاءِ صوبائي حڪومت پاران قائم ڪيل اداري يا اختياري صوبائي ڊزاسٽر مئينجمينٽ اٿارٽي يا صوبائي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي ۾ امداد لاءِ درخواست جو فارم ڀري ڏيندو. صوبائي ادارو ان فارم جي تصديق ڪري نادرا ڏانهن اماڻيندو، نادرا پنهنجي ڊيٽابيس نظام جي بنياد تي ان ماڻهو جي تصديق ڪندو. ان تصديق کانپوءِ سندس نالو امداد جي مستحق ٻوڏ متاثرين واري ٺهندڙ فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو. انهي رجسٽريشن لاءِ صوبائي حڪومت جو بورڊ آف روينيو کاتو ٻوڏ هيٺ آيل علائقن کي باقاعده نوٽيفاءِ ڪندو. انهيءَ نوٽيفڪيشن ۾ علائقن جي ضلعي، تعلقي يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺ يا شهر جي پڻ واضح نشاندهي ڪئي ويندي. نادرا انهن علائقن جي سپارڪو جي سيٽ لائيٽ ذريعي پڻ تصديق ڪندو ۽ هو انهن علائقن جي خاندان جي وڏن جي نالي جاري ٿيل سڀني قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي لسٽ جاري ڪندا ۽ امداد لاءِ ايندڙ درخواست فارمن جي ان لسٽ مان تصديق ڪرڻ سان گڏ درخواست ۾ ڏنل ۽ نادرا جي رڪارڊ ۾ موجود انهيءَ ماڻهو جي پڻ تصديق ڪئي ويندي. جنهن کانپوءِ امداد ورهائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ نامزد ڪيل بئنڪ کي لکيو ويندو. بئنڪ کي چيو ويندو ته انهن ماڻهن جا ورچيوئل اڪائونٽ کولي کين ڊيبيٽ ڪارڊ ڏنا وڃن. هنن کي ادائگي انهن ڪارڊن ذريعي ٿيندي. بريفنگ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته صوبائي حڪومت پاران ٻوڏ متاثر علائقن جو جاري ٿيل نوٽيفڪيشن نادرا کي ملڻ کانپوءِ 10 ڏينهن اندر ٻوڏ متاثر آءِ ڊي پيز جي سڃاڻپ ڪارڊن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي ۽ لسٽ فائنل ڪرڻ کانپوءِ هڪ هفتي اندر امداد ڏيندڙ مرڪز ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ان سڄي ڪم ۾ صوبائي حڪومتن ڪم جو ٻوڏ متاثر علائقن کي نوٽيفاءِ ڪرڻ متاثرين کي رجسٽر ڪرڻ هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ، متاثرين کي انهن هنڌن تي آڻڻ ۽ حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ رجسٽريشن واري سرگرميءَ جي تشهير ڪرڻ هوندو. جڏهن ته نادرا رجسٽر ٿيل آباديءَ جي تصديقي لسٽ تيار ڪندو ۽ تصديق نه ٿي سگهندڙ درخواست فارمن جي پڻ لسٽ جاري ڪندو. وفاقي حڪومت جو ادارو اين ڊي ايم اي امداد ورهائڻ لاءِ بئنڪ جي سليڪشن ڪندو ۽ انهيءَ سرگرميءَ لاءِ تجويز ڪيل قاعدن جي منظوري ڏيندو بئنڪ جو ڪم اڪائونٽ کولڻ ۽ ادائگي ڪرڻ هوندو. ذريعن موجب گڏجاڻيءَ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومتون ٻوڏ هيٺ آيل علائقن کي فوري طور نوٽيفاءِ ڪن ته نادرا رجسٽريشن جو اهو عمل مڪمل ڪري عيدالفطر کان پهرين متاثرين کي مالي امداد جي پهرين ادائگي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ذريعن موجب بريفنگ جي موقعي تي نادرا وارن اهو پڻ ٻڌايو ته هو ان ڏس ۾ صوبي جي ٻوڏ متاثر هر ضلعي ۾ رجسٽريشن ڪئمپون قائم ڪري سگهن ٿا. انهيءَ تي پنجاب حڪومت جي نمائندن ٻوڏ متاثرين ۾ امداد وفاقي حڪومت ذريعي ورهائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهو ڪم وفاقي حڪومت جو ناهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي سندن حصي جا پئسا ڏئي ۽ صوبائي حڪومتون رقمون ورهائين. سنڌ جي نمائندن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ نادرا پاران تيار ڪيل نظام ان ڪري ناڪام آهي جو انهيءَ رجسٽريشن جو بنياد نادرا پاران جاري ڪيل نون قومي سڃاڻپ ڪارڊن کي بڻايو ويو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جي 50 سيڪڙو بالغ ماڻهن جا نادرا جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل ڪونهن. ذريعن موجب انهي تي نادرا جي نمائندن چيو ته جن ماڻهن وٽ ڪارڊ ناهن هو انهن کي نوان ڪارڊ ٺاهي ڏيندا. تنهن تي سنڌ حڪومت جي نمائندن چيو ته هن وقت ٻوڏ وارن علائقن ۾ عام نوعيت جي صورتحال ناهي. هڪ وڏي آفت آيل آهي، اڪثر ماڻهو بي گهر ٿيل آهن ۽ صوبي جي مختلف علائقن ۾ رهن ٿا، انهن ماڻهن جا مختصر مدي اندر نوان سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن ٺهي سگهندا جو کين امداد لاءِ رجسٽرڊ ڪري سگهجي. ذريعن موجب نادرا وارن چيو ته لاڳاپيل ڊي سي او جنهن ماڻهو لاءِ لکي ڏيندو ان کي نئون ڪارڊ ٺاهي ڏنو ويندو، اتي سوال اهو پيدا ٿيو ته جيڪي ماڻهو ٻين علائقن ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، انهن جي غير لاڳاپيل علائقي جا ڊي سي اوز ڪيئن تصديق ڪري سگهندا. ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران نادرا واري رجسٽريشن جي نظام تي سخت اعتراض وارڻ جي باوجود اجلاس ۾ چيو ويو ته انهيءَ نظام هيٺ نادرا رجسٽريشن ڪندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي خط لکي پڻ پنهنجي اعتراضن کان کيس آگاهه ڪيو آهي. ذريعن موجب صوبائي حڪومت پاران تجويز ڏني وئي آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري طور تي مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران متاثرين جي قائم ڪيل امدادي ڪئمپن جي انچارج ۽ لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سي او ۽ روينيو عملي پاران جاري ٿيندڙ لسٽن کي بنياد بڻائي سگهجي ٿو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com