|
ٻوڏ متاثرن کي عيد کان اڳ امداد ملڻ ڏکيو ٿي ويو ڪراچي: سنڌ ۾ عيد کان اڳ ٻوڏ ستايل خاندانن کي مالي امداد ملڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي 3 ڏينهن اڳ ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي سنڌ جي رليف ڪمشنر غلام علي پاشا چيو هو ته عيدالفطر کان پهرين حڪومت پاران في ٻوڏ متاثر خاندان کي 5 هزار رپيا عيد خرچي ڏني ويندي. اها امداد ڏيڻ لاءِ نادرا جو عملو متاثر خاندانن جون لسٽون تيار ڪري رهيو آهي پر ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي نادرا سنڌ جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ نويد احمد ٻڌايو ته نادرا سنڌ ۾ ٻوڏ ستايلن کي رجسٽر ڪرڻ جي ڪابه سرگرمي نه پئي ڪري. هن ٻڌايو ته نادرا پاران مختلف امدادي ڪئمپن ٻاهران قائم ڪيل موبائيل ڪئمپن ذريعي ٻوڏ متاثرين کي صرف گم ٿي ويل سڃاڻپ ڪارڊن جا نقل (ڊپليڪيٽ) ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته هن وقت نادرا صوبي اندر ٻوڏ ستايلن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪابه سرگرمي نه پئي ڪري. جڏهن ته ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي صوبائي رليف ڪمشنر ۽ سنڌ جي وقتي چيف سيڪريٽري غلام علي پاشا چيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن کي يونين ڪائونسلن ۽ ديهن جي سطح تائين آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ نوٽيفڪيشن جي بنياد تي نادرا وارن انهن علائقن جي خاندانن جي وڏن جي نالي جاري ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جي بنيادن تي امداد لاءِ لسٽون تيار ڪري صوبائي حڪومت کي موڪلي ڏنيون آهن. هاڻي صرف کين امداد ڏيڻي آهي. ان ڪري عيد کان اڳ ٻوڏ ستايلن کي مالي امداد ملي ويندي. هن کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن جاري ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن جي بنياد تي امداد ڏني ويندي ته پوءِ جن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل ڪونهن، انهن کي امداد ڪيئن ملندي؟ هن چيو ته انهن ماڻهن کي ڊي سي او جي تصديق سان نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويندا ۽ ان بنياد تي کين امداد ملندي. هن کان پڇيو ويو ته نوان ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو ڪم ايترو جلد ڪيئن ٿي سگهندو. هن وراڻيو اهو نادرا وارن جو ڪم آهي ۽ جڏهن هو دعويٰ ڪن ٿا ته ٺاهي ڏيندا ته هو ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته ڪيئن ٺاهيندا، جڏهن ته سنڌ جي اطلاعات واري صلاحڪار جميل سومري جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن کي عيد واري مالي امداد ڏيڻ لاءِ روينيو کاتي پاران متاثر ڪٽنبن جون لسٽون ٺاهيون پيون وڃن ۽ انهن لسٽن جي بنياد تي کين عيد خرچي ڏني ويندي. ٻئي طرف حڪومت جي ذميوار ذريعن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ٻوڏ ستايلن کي 5 هزار رپين واري عيد امداد وفاقي حڪومت پاران هنن لاءِ اعلان ڪيل 20 هزار رپيا في خاندان مالي امداد مان ڏني ويندي. يعني کين 5 هزار رپيا عيد تي ۽ 15 هزار رپيا بعد ۾ ڏنا ويندا، ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته انهن کي 20 هزار رپين واري اها رقم متاثرين کي گهر اڏڻ لاءِ اعلان ڪيل 2 لک رپين واري امداد مان ڪاٽي ڏني پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت اها امداد نادرا واري رجسٽريشن ذريعي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نادرا سنڌ حڪومت پاران آفت سٽيل قرار ڏنل علائقن جي بنياد تي صرف 3 لک خاندانن جون لستون تيار ڪري سنڌ حڪومت کي ڏنيون آهن، ان ڪري جن متاثرين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ڪونهن انهن کي اها امداد ملڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. |
|
The Kawish Group of
Publication |