20 ھزار رپيا في خاندان امداد جو اڌ صوبائي حڪومتن کان ادا ڪرائڻ تي صوبن کي اعتراض، معاملو اعليٰ سياسي قيادت حل ڪندي

ڪراچي: وفاقي حڪومت پاران ملڪ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ اعلان ڪيل 20 هزار رپيا في خاندان مالي امداد جو 50 سيڪڙو صوبائي حڪومتن کان ادا ڪرائڻ تي چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن اعتراض واري ڇڏيوآهي، ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ جي چيئرمين جي صدارت هيٺ چئني صوبن جي نمائندن جي ٿيل گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ اعلان ڪيل مالي امداد جي خرچ جو ڪل ڪاٿو اٽڪل 45 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن جو 50 سيڪڙو صوبائي حڪومتون وفاقي حڪومت کي ادا ڪنديون. ذريعن موجب ان تي سنڌ سميت چئني صوبن جي نمائندن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ان معاملي تي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي هئي ۽ چيو ويو هو جيئن ته امداد وفاقي حڪومت ٿي ڏئي، ان ڪري اها وفاقي اداري ذريعي ورهائي ويندي. ذريعن موجب صوبن جي نمائندن چيو ته جيڪڏهن امداد جي اڌ رقم صوبائي حڪومتن کان وصول ڪئي ويندي ته پوءِ رقم جي ورڇ وفاقي حڪومت ڇو ڪري. ذريعن موجب انهيءَ تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته ان معاملي کي حڪومت جي اعليٰ سياسي قيادت حل ڪندي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com