اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
نيب نواز شريف جي ڀيڻويي کي گرفتار ڪري ورتو لاهور (بيورو رپورٽ) نيب نواز شريف جي ڀيڻويي ۽ اڳوڻي ايم اين اي سهيل ضياءَ بٽ کي ڪو آپريٽو اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، مٿس 7 ڪروڙ رپين جي رقم هڙپ ڪرڻ جو الزام آهي، اڄ کيس احتساب عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ ورتو ويندو، واضح رهي ته نيب اڱاري ڏينهن شريف خاندان خلاف داخل ريفرنسز ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تحت سهيل ضياءَ بٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سهيل ضياءَ بٽ نواز شريف جي گذريل حڪومت ۾ ايم اين اي هو، مشرف حڪومت اچڻ بعد شريف خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ سهيل ضياءَ بٽ کي به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان خلاف 2000ع ۾ نيشنل انڊسٽريل ڪريڊٽ فنانس ڪوآپريٽو تحت جمع ڪرائيندڙ ماڻهن جي 7 ڪروڙ رپيا رقم هڙپ ڪرڻ جي الزام ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، ڏهين ڊسمبر 2000ع تي مشرف سان ٿيل ڊيل جي نتيجي ۾ سهيل ضياءَ بٽ کي به آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد هو شريف خاندان سان گڏ جلاوطن ٿي جدي روانو ٿي ويو، ان دوران کيس ڄاڻايل ريفرنس ۾ احتساب عدالت اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو هو، 2007ع ۾ سهيل ضياءَ بٽ شريف خاندان سان گڏ جلاوطني ختم ڪري پاڪستان آيا پر اشتهاري قرار ڏنل باوجود ان کي گرفتار نه ڪيو ويو، اڱاري ڏينهن نيب شريف خاندان ۽ ان جي ويجهن ماڻهن خلاف داخل اهي ريفرنس ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪي مشرف سان ڊيل جي نتيجي ۾ روڪيا ويا هئا، ذريعن موجب نيب شريف خاندان خلاف شيٽ ڪيس طور ڪارروائي ڪندي پهرين انهن جي ڀيڻويي سهيل ضياءَ بٽ کي گرفتار ڪيو آهي، واضح رهي ته سهيل ضياءَ بٽ جو پٽ عمر سهيل ضياءَ بٽ گلبرگ ۾ ماڊل ٽائون واري تڪ مان مسلم (ن) جو ايم اين اي آهي، ياد رهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت ۾ شريف خاندان کانپوءِ سهيل ضياءَ بٽ کي طاقتور شخصيت مڃيو ويندو آهي. |
|
The Kawish Group of
Publication |