اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪراچي ۾ يوم شهادت حضرت علي عه جي ڏينهن واري جلوس تي فائرنگ،4 زخمي،پٿراءُ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) حضرت علي عه جي شهادت واري ڏينهن تي نمائش چورنگي کان نڪتل جلوس تي صدر ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا زخمي، صدر ۾ ايمپريس مارڪيٽ وٽ هٿياربندن جلوس تي فائرنگ ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب جلوس ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ماڻهن ۾ سپاهي سعيد اقبال ۽ ٻيا شاڪر، وسيم ۽ دلشاد شامل آهن. امام اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يوم علي عه جو جلوس صدر مان گذريو پئي ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي ۽ جلوس تي پٿراءُ ڪيو، پٿراءُ ۽ فائرنگ سبب صدر واري علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اُتي موجود پوليس ۽ رينجرز هٿياربندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي جڏهن ته سي سي پي او ڪراچي وسيم احمد جو چوڻ آهي ته جلوس سان گڏ پوليس موجود هئي ۽ پوليس صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو آهي ۽ حضرت علي عه جو جلوس امن امان ۽ خيريت سان پنهنجي مقام تي پهتو. واقعو معمولي هو. ٻئي پاسي اي پي پي موجب پوليس 6 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي آڏي پڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com