دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
اعصام الحق يو ايس اوپن مينز ڊبل جي فائنل ۾ پهچي ويو نيويارڪ (اسپورٽس ڊيسڪ) يو ايس اوپن مينز ڊبل ٽينس ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني رانديگر اعصام الحق ڀارتي ساٿي روهن بوپنا سان گڏجي ارجنٽائن جي جوڙي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، سيمي فائنل ۾ ايشيا جي ٻنهي رانديگرن ارجنٽائن جي جوڙي کي اسٽريٽ ٽيٽس 7-6 ۽4- 6 تان شڪست ڏئي ڇڏي،اعصام الحق ۽ روهن بوپنا جو فائنل ۾ آمريڪي جوڙي مارڪ برائن ۽ بارب برائن سان مقابلو ٿيندو. اهو ٽينس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جو ڪو پاڪستاني رانديگر ڪنهن به ٽينس جي ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ پهتو آهي، جڏهن ته اعصام الحق اڳ ئي مڪس ڊبل جي فائنل ۾ پهچي چڪو آهي. |