بغداد (اي ايف پي)

اوباما ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن(آن لائن) آمريڪي صدر باراڪ اوباما پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل متاثرن لاءِ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر اوباما ان سلسلي ۾ هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت يو ايس ايمرجنسي ريفيوجي اينڊ مائيگريشن اسسٽنس فنڊ مان اها رقم جاري ڪئي ويندي، اوباما چيو آهي ته 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرز جي اها رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب غير معمولي لڏ پلاڻ کي منهن ڏيڻ ۽ بي گهر ٿيلن جي فوري ضرورتن تي خرچ ٿيندي، ان امداد سان ئي آمريڪا پاڪستان کي امداد ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن جي ڪل امداد 23 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ هوندي، اوباما چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آمريڪا جي قومي مفاد ۾ آهي، 23 ڪروڙ ڊالرز مان 15 ڪروڙ ڊالرز پاڪستان ۾ رليف سرگرمين لاءِ فوري رليف ۾ شامل آهن، جيڪي پاڪستان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، گڏيل قومن جي ايمرجنسي ريسپانس پلان ۽ ٻين مقامي ۽ عالمي اين جي اوز تحت فراهم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ 5 ڪروڙ ڊالرز جي شروعاتي ڪوششن لاءِ مختص ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ هاڻي 20 ڪروڙ ڊالرز فراهم ڪري رهيو آهي.