گهوٽڪي (ن ڪ)

افغانستان ۾ طالبان فتح جي ويجهو پهچي چڪا آهن:ملا عمر

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) طالبان ليڊر ملا عمر  چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان فتح جي ويجهو پهچي چڪا آهن ۽ جلد پرڏيهي فوجن کي افغانستان جي سرزمين تان تڙي ڪڍيو ويندو، اهڙو بيان هڪ اي ميل ذريعي رمضان المبارڪ جي پڄاڻي تي جاري ڪيو آهي، ملا عمر چيو ته آمريڪي صدر باراڪ اوباما جيترو جلد ٿي سگهي پنهنجون فوجون افغانستان مان واپس گهرائي.