|
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير ڌيءَ کي وزارت ۾ نوڪري ڏيارڻ جي الزامن بعد استعيفا ڏئي
ڇڏي
سيئول
(فارين ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير پنهنجي وزارت ۾ ڌيءَ کي نوڪري ڏيارڻ جي
الزامن بعد استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي وزير يوينگ وان مٿان الزام هو ته هن پنهنجي
35 سالن جي ڌيءَ کي وزارت ۾ هڪ وچئين درجي جي نوڪري ٽريڊ ايڪسپرن طور رکرايو آهي،
اهڙا الزام لڳڻ بعد هن استعيفا صدر حوالي ڪري ڇڏي، يوينگ وان جو چوڻ آهي ته منهنجي
ڌيءَ 2 ڀيرا انٽرويو ڏنو، ٻئي ڀيري هوءَ اها نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، هن
چيو ته مون تي الزام لڳڻ بعد منهنجي ڌيءَ نوڪري ڇڏڻ جو چيو پر مون کيس منع ڪئي ۽
پاڻ استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيم، واضح رهي ته اهڙن الزامن بعد پرڏيهي وزير جمعي تي
عوام کان معافي به ورتي هئي. |