|
سينيٽ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ، پ پ (ق) ليگ کي 7 سيٽون ڏيڻ تي آماده اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ جي چونڊن لاءِ مسلم ليگ (ق) ۽ پيپلز پارٽي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جون ڪوششون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن، پ پ (ق) ليگ کي 7 سيٽون ڏيڻ تي آماده ٿي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ق) 11 سيٽون گهريون آهن، پ پ 7 سيٽون ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي، (ق) ليگ وفاق مان هڪ، پنجاب مان 3، بلوچستان مان 5، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ هڪ هڪ سيٽ گهري ورتي آهي، سينيٽ سيٽن جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ حتمي فيصلو ٻنهي پارٽين جي قيادت سومر تي ڪندي، ذريعن موجب (ق) ليگ اسلام آباد مان وسيم سجاد، پنجاب مان مشاهد حسين سيد، ڪامل علي آغا، مصطفيٰ ملڪ ۽ سنڌ مان حليم عادل جي لاءِ سيٽ گهري ورتي آهي. |
|
The Kawish Group of Publication |