اسلام آباد ۾ 16 فيبروري تي پاڪ- ايران ۽ افغان گڏيل ڪانفرنس ٿيندي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خطي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار لاءِ 16 فيبروري 2012ع ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ايران پاران گڏيل ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ ايران جو صدر احمدي نزاد ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي پڻ شرڪت ڪندا، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ڪانفرنس جي سربراهي ڪندو، گڏيل ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ، خطي جي صورتحال ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com