12-2011ع جا 8 مهينا گذرڻ باوجود

 ترقياتي پروگرام جي اڌ رقم به جاري نه ٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال 12-2011ع جي اڌ کان وڌيڪ مدت گذري وڃڻ باوجود وفاقي ترقياتي پروگرام جي منظور رقم مان  اڌ  رقم به جاري نه ٿيڻ جو وفاقي سرڪار اعتراف ڪري ڇڏيو آهي،  وفاقي سرڪار پاران هلندڙ مالي سال 12-2011ع جي مڪمل ٿيل 8 مهينن ۽ 3 فيبروري 2012ع تائين ترقياتي پروگرام لاءِ جاري ٿيل رقم جي جاري ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ  مالي سال جي بجيٽ ۾ انفرا اسٽرڪچر شعبي لاءِ 157.5 ارب جي منظور بجيٽ مان 3 فيبروري 2012ع تائين رڳو 64 ارب سماجي شعبي لاءِ منظور 129.2 ارب  مان رڳو 43.5 ارب ۽ ٻين منصوبن لاءِ 3.3 ارب منظور ڪيا ويا، جن مان رڳو 8 ڪروڙ 17 لک رپيا جاري ٿيا، هلندڙ مالي سال جي مجموعي طور تي منظور ڪيل 290 ارب  رپين جي بجيٽ مان 3 فيبروري 2012 تائين وفاقي سرڪار رڳو 109.3 ارب رپيا جاري ڪيا آهن، مالي سال جي اڌ کان وڌيڪ مدت مڪمل ٿيڻ باوجود اڌ رقم به جاري نه ٿيڻ  ڪري سال جي آخري  مهينن ۾ جاري ڪري بجيٽ ليپس ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com