2011ع ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جا 16 هزار 634 واقعا ٿيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر سال 2011ع دوران 7 هزار 767 اغوائون، 1903 لڄالٽ ۽ اجتماعي لڄالٽ، 164 ڄڻن جي پراسرار نموني گم ٿيڻ، 483 عورتون ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيڻ سوڌو انساني حقن جي خلاف ورزين جا 16 هزار 634 واقعا رونما ٿيا، انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ پنجاب صوبو سڀني صوبن کان اڳتي نڪري ويو، انساني حقن جي وزارت پاران سال 2011ع دوران ملڪ اندر ٿيل انساني حقن جي خلاف ورزين بابت جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر سال 2011ع دوران ڪل 16 هزار 634 انساني حقن جي خلاف ورزين جا واقعا ٿيا، جن ۾ ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 485، پنجاب صوبي اندر 14 هزار 181، سنڌ ۾ 1213، بلوچستان ۾ 371 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 275 انساني حقن جي خلاف ورزين جا واقعا رپورٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2011ع دوران ملڪ اندر 7 هزار 767 اغوا، 2754 عورتن خلاف تشدد، 1903 عورتن سان لڄالٽ ۽ اجتماعي لڄالٽ، گهريلو تشدد جا 818، ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل 483، پوليس پاران انساني حقن جي خلاف ورزين ڪرڻ جا 363 ۽ جنسي حراسمينٽ جا 317 واقعا ٿيا، جڏهن ته هن سال 164 ماڻهن جي مسنگ پرسن جي لسٽ ۾ واڌ ٿي، مذهبي تشدد جا 161، اقليت جي انساني حقن خلاف 48، قيدين جي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ جا 45 ۽ 29 عورتن کي ساڙڻ جا واقعا ٿيا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com