آمريڪا طالبان سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو آهي:پاڪستان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالباسط چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار مداخلت ڪار نه پر سهولت ڪار آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي ترجمان آمريڪا ۽ طالبان سان ڳالهين بابت پڇيل سوال تي جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي رابطا ته برقرار آهن ۽ آمريڪا اسان کي سفارتي ذريعن کان آگاهه ڪيو آهي، هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته جڏهن آمريڪا سان رابطا مڪمل طور تي بحال ٿيندا ته اسان کي وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو، عبدالباسط چيو ته اسان جو هڪ محدود ڪردار آهي ۽ ان ڪردار جو تعين افغانستان جي عوام ۽ ان جي قيادت ڪندي، اسان اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اسان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن قسم جي دخل اندازي نه ڪنداسين، ترجمان زور ڏنو ته افغانستان ۾ مصالحتي عمل جي ڪاميابي جو ڀروسو افغان عوام جي حمايت تي آهي، ٻئي طرف طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته ملا عمر جي خاص معاون 6 شرطون مڃڻ کانپوءِ آمريڪا سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون، هاڻ رڪجي ويون آهن، آمريڪا سان ڳالهيون ڪنهن به پاڙيسري ملڪ ۽ نيٽو جي ڪنهن به اتحادي ملڪ ۾ نه ٿينديون، ڳالهين کان اڳ يا پوءِ يا وري ٻن ڏينهن تائين جنگ بندي جو ڪو به شرط قبول نه ڪيو ويندو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com