سنڌي مڊل ڪلاس جي رستا روڪ ڪيئن ڪئي وئي؟

 

سومر 03 جولاءِ 2006ع

                ننڍي کنڊ جي جاگرافيائي ورهاڱي جو سنڌ کي جيڪو سڀ کان وڏو نقصان پهتو، اهو سنڌي هندن جي سنڌ مان نيڪالي هيو، جنهن سان سنڌي سماج يڪدم وچولي طبقي جي خال جو شڪار ٿي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه سالن اندر سنڌ جي مکيه شهري ۽ اسرندڙ شهري مرڪزن تي ٻاهران ايندڙن جو قبضو ٿي ويو ۽ سنڌي سماج هڪ اهڙي اٿل پٿل جو شڪار ٿي ويو، جنهن کي سنڀالڻ ۾ ڏهاڪا لڳي ويا. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مارڪيٽ وچولي طبقي جي هندو جي هٿ ۾ هيو ۽ سنڌي هندو سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر بيٺل هيو. انهن جي لڏپلاڻ کان پوءِ سنڌ جي سماجي بيهڪ عجيب نوعيت جي ٿي وئي، جنهن ۾ يا ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مٿيون وڏيرڪو طبقو موجود هيو، يا ويلي لاءِ پريشان هيٺيون طبقو هيو. نتيجي ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ اقتصادي ڪاروهنوار ۾ سنڌ جي مفادن جو بچاءُ يا نمائندگيءَ جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سرحد پار کان ايندڙن ان خال جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ نوڪر شاهي توڙي مارڪيٽ ۾ ڪجهه عرصي اندر ايترا پير مضبوط ڪري ورتا، جو عملي طور سنڌ جي واڳ سندن حوالي ٿي وئي. ان ڪارروائيءَ جا تفصيل هن مضمون ۾ ڏئي نٿا سگهجن، مختصر لفظن ۾ ته سنڌي عملي طور سنڌ ۾ هڪ ڪمزور ۽ بي اثر اقليت ۾ تبديل ٿي ويا.

                ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مٿان ٿيل ثقافتي يلغار جو هڪ وڏو ڪارڻ به ان مڊل ڪلاس جي غير موجودگي هئي، نتيجي ۾ سنڌي ٻولي، ادب، تعليم سميت سنڌ جي مجموعي سڃاڻپ سڀ ڪجهه داءَ تي لڳي چڪا هئا. ان دور ۾ سنڌي اديب، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن هئا، جن انتهائي محدود انگ ۾ هجڻ جي باوجود هڪ شاندار جدوجهد وسيلي سنڌ جي سڃاڻپ کي مڪمل طور ختم ٿيڻ کان بچايو. اها الڳ ڳالهه آهي ته بدقسمتيءَ سان انهن مان ڪجهه همراهن اڳتي هلي سنڌ کان ان جو حساب وياج سميت وصول ڪيو، پر ان دور ۾ سندن جدوجهد جو اعتراف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. جيتوڻيڪ ثقافتي ۽ تعليمي محاذ تي سنڌ جي بقاءَ لاءِ اها ويڙهه نهايت اهم هئي، پر اڃا به سنڌ جي ڪاروهنوار ۾ سنڌين جي نمائندگي بنهه نه جيتري هئي. ان جا ڪارڻ نوڪر شاهي ۽ مارڪيٽ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي اڻ هوند هئي. درحقيقت جيڪڏهن انهن ٻن اهم محاذن تي قوم جي نمائندگي ڪندڙ مڊل ڪلاس موجود نه هجي ته عملي طور اها قوم يا گروهه هڪ بي اثر ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن ورهاڱي کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين جي تاريخ تي تحقيق ڪبي ته معلوم ٿيندو ته هر دور ۾ حڪمرانن جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته ڪهڙي طرح سنڌي قوم کي هڪ اثرائتي مڊل ڪلاس جي سرواڻيءَ کان محروم رکجي. ان لاءِ مختلف دورن ۾ مختلف فارمولا استعمال ڪيا ويا. مثال طور ورهاڱي کان پوءِ لڏي ويل هندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي هندستان مان لڏي آيلن جي حوالي ڪيو ويو ۽ مقامي آباديءَ لاءِ اهي ملڪيتون خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. 1948ع کان سنڌ سرڪار هندن جون خالي ڪيل زمينون هندستان مان آيلن کي مالِ غنيمت طور ڏيندي رهي ۽ 1958ع ۾ مارشل لا حڪومت ان ڏس ۾ باقاعدي فرمان جاري ڪري مقامي آبادي لاءِ اهي زمينون وٺي سگهڻ جا سمورا قانوني رستا به بند ڪري ڇڏيا. ان وقت اٽڪل 40  سيڪڙو زرعي زمين سنڌي مسلمانن جي هئي، جيڪا هندن کي وڪرو ڪيل يا گروي رکيل هئي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو بل پڻ پيش ڪيو ويو هيو ته مسلمانن جون گروي ٿيل زمينون اصل مالڪن کي واپس ٿيڻ گهرجن، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهي زمينون خالي ڪيل ملڪيت قرار ڏئي هندستان مان آيل مسلمانن جي حوالي ڪيون ويون.

                ساڳي طرح هندستان مان آيلن جي اڪثريت جيئن ته وڌيڪ پڙهيل لکيل هئي  ۽ سنڌ جو پڙهيل لکيل وچولو طبقو سنڌ مان وڃي چڪو هيو، تنهن ڪري نئين ٺهيل ملڪ کي هلائڻ واري ڪامورا شاهي تي پڻ سندن قبضو ٿي ويو. فيبروري 1951ع ۾ ڊان اخبار هڪ ايڊيٽوريل ۾ اهو اعتراف ڪيو هيو ته مرڪزي نوڪرين ۾ ڪو هڪ به سنڌي موجود ناهي. ائين ملڪ جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان وٺي سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي چيڀاٽيو ويو. ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ ته ماڳهين سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سلامتي اڳيان سواليه نشان اچي ويو. 70ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽي سنڌي مڊل ڪلاس جا بنياد وجهڻ لاءِ سنڌين کي ملڪي مکيه ڌارا ۾ آندو. پهريون ڀيرو ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ڪاليجز قائم ٿيا. پهريون ڀيرو سنڌين لاءِ دروازا بند رکندڙ وفاقي سرڪار جي ادارن ۽ صوبائي ادارن ۾ سنڌين کي وڏي انگ ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مليو، ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ دورِ جهالت واري زندگي ۾ ڦٽو ڪيل سنڌين کي ڪوٽا سسٽم وسيلي اڳتي نڪرڻ جو موقعو مليو. سنڌي سماج ۾ ڏهاڪن کان ڌپ ڪري ويل وڏيرڪي سينور ۾ پهريان پٿر ان دور ۾ اڇليا ويا، جڏهن سنڌين کي وڏيرڪي نظام جي زنجيرن مان ساهه کڻڻ جيتري وٿي ڏني وئي. ذوالفقار علي ڀٽي سان ٻيا ڪيترا به اختلاف رکجن، پر ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌ جي هاڻوڪي مڊل ڪلاس کي پير کوڙڻ جو موقعو ڏئي ڏهاڪن کان خال ۽ جمود جو شڪار ٿيل سماج کي هڪ رخ ڏيڻ جو ڪريڊٽ ڀٽي صاحب ڏانهن ئي وڃي ٿو. شايد ڪيترين ڳالهين مان اها به هڪ ڳالهه هئي، جيڪا هن ملڪ جي اصل اقتدار ڌڻين کي پسند نه آئي، جنهن جي قيمت ۾ کيس سر سهائڻو پيو.

                صرف اڌ ڏهاڪي اندر سنڌي سماج اوسر جون جيتريون وکون کنيون، اهي ان کان اڳ واري سڄي ملڪي تاريخ ۾ نه کڄي سگهيون هيون. ڀٽي صاحب جي شهادت ۽ ان کان پوءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جهڙي طرح فوجي راڄ جي مزاحمت ڪئي، ان ملڪ جي واڳ ڌڻين جون اکيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ پهريون ڀيرو کين محسوس ٿيو ته هڪ صديءَ تائين انگريزن ۽ پوءِ سندن غلامن جي غلاميءَ ۾ رهڻ جي باوجود هن قوم ۾ پنهنجي حقن ۽ سڃاڻپ لاءِ ويڙهاند جو جذبو گهٽ نه ٿيو آهي.70ع جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش واري سانحي کان پوءِ طاقت ڌڻين لاءِ سنڌين جي ٻڌي ۽ طاقت جو اهو مظاهرو ڇرڪائيندڙ هيو ۽ ان ئي مرحلي تي شاطر دماغن هڪ گهڻ رخي رٿابندي ڪئي. انهن جو اڪيلو مقصد سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪي سنڌي سماج کي هڪ اهڙي گهڻ رخي بحران ۾ ڌڪڻ هيو، جنهن سان سنڌي سماج داخلي ناسورن جو شڪار ٿي پنهنجي سموري مزاحمتي سگهه وڃائي ويهي. هونءَ ته ان پلاننگ جا ڪيترائي رخ بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿا، پر انهن مان ڪجهه مکيه رخ هت بحث هيٺ آڻجن ٿا. هي اهي رخ آهن، جن جو سڌو سنئون نشانو سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪي، سنڌي سماج کي مفلوج ڪرڻ هيو.

(1)  سنڌ جي تعليمي ادارن جي تباهي:

                تعليمي ادارا ڪنهن به قوم جي مستقبل لاءِ هڪ نرسريءَ جي حيثيت رکن ٿا. سڄاڻ، متحرڪ ۽ اهل مڊل ڪلاس جي اوسر جو بنيادي وسيلو تعليمي ادارا ئي هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو طاقت ڌڻين سنڌ جي تعليمي ادارن کي سندن ڪارروائيءَ جو اهم مرڪز بنايو. ان لاءِ تعليمي ادارن ۾  هيٺيون خرابيون پيدا ڪيون ويون.

.تعليمي ادارن ۾ هٿيارن جي عام نمائش ۽ استعمال.

.سياسي تنظيمن جي اندر ڪرمنل جي ڀرتي ڪري صحتمند سياست کي تباهه ڪرڻ.

.ڪلاسن جي بائيڪاٽ ۽ استادن توڙي عملي تي داٻي جو ڪلچر.

.شاگرد تنظيمن ۾ ايجنٽن وسيلي جهيڙا ڪرائي تعليمي ادارا مهينن جا مهينا بند رکڻ.

.استادن جي سياست جو بنياد وجهڻ لاءِ استاد تنظيمن اندر ڪارندا پيدا ڪري کين پڙهائي بجاءِ غير تدريسي اوليتن ۾ الجهائڻ.

.يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميائن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي داخل ڪري کين کلي ڇوٽ ڏيڻ ته ڀلي وتن تعليمي ادارن جي وسيلن جي ڀينگ ڪندا.

.نااهل، ڪم چور ۽ سفارشي استادن کي وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪرائي ميرٽ ۽ تعليمي معيار جو جنازو ڪڍڻ.

.ڪاپي ۽ سفارش تي مارڪون ۽ ڊگريون ڏياري اهليت جو جنازو ڪڍڻ.

.اهل ۽ علم دوست استادن ۽ شاگردن کي هيسائي، سندن بي عزتيون ڪرائي کين بهتري وارين ڪوششن کان روڪڻ.

                اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ خير جا ڪم ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو اهو حال ڪيو ويو جو هي ادارا علم، ترقي ۽ مثبت پسنديءَ جا جوهر پيدا ڪرڻ بجاءِ جاهل، ڪم چور، سفارشي ۽ نااهل گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بنجي ويا. اڄ سنڌ جي تعليمي ادارن جون ڊگريون رکندڙن کي ڏهن مان هڪ درخواست تي انٽرويو ڪال مس نصيب ٿئي ٿي ۽ معيار جو اهو حال آهي جو سنڌ جي يونيورسٽين جون ڊگريون اميدوارن لاءِ هڪ طعنو بنجي پيون آهن. ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي مان ڊگري يافته هجڻ جو حوالو ڏيو ته ڄڻ اشتهاري ملزم بنجي ٿو پئجي. ٿورو گهڻو ڀرم ايستائين بچيل هيو، جيستائين سرڪاري شعبي ۾ نوڪريون هيون ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تان ڪا نه ڪا نوڪري ملي پوندي هئي، پر هاڻي جيئن جيئن خانگي شعبي پر پکيڙيا آهن، چٽاڀيٽيءَ جي ان ميدان ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس باقي قومن کان گهڻو پٺتي رهجي ويا آهن. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪنهن به خانگي شعبي جي اداري ۾ وڃو ته پنج سيڪڙو به سنڌي نظر نٿا اچن. ان صورتحال تي رڳو سنڌين سان تعصب هجڻ وارو جملو چئي جان آجي نٿي ڪري سگهجي. سالن جا سال هڪ منظم طريقي سان سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري سنڌي قوم جي هڪ سڄي نسل کي اهليت کان وانجهو ڪري ايترو مفلوج بنايو ويو آهي، جو اهو سنڌ جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار آهي. نتيجي ۾ هر اهو فورم، جتي اسان جي حقن ۽ مفادن جا فيصلا ٿين ٿا، اتي واڳون ڪن ٻين جي هٿن ۾ آهن ۽ ڪيترن مامرن ۾ ٿيل انياءَ جو ته اسان کي پتو به نه ٿو لڳي. مثال طور پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ اندر ڪٿي ڪهڙي سيڙپڪاري ڪند،ا تيل ۽ گيس جي کوٽائيءَ جا لائسنس ڪنهن کي ملندا، پرڏيهه ۾ روزگار جي موقعن لاءِ ملڪ مان ڪهڙا ماڻهو ويندا، پرڏيهه ۾ ڪهڙي اسڪالرشپ ڪهڙي صوبي جي شاگردن کي ملندي؟ وغيره وغيره. انهن سڀني فيصلن ۾ سنڌ جي نمائندگي شايد ئي ڪير ڪندو هجي. ايندڙ سالن ۾ ملڪ اندر انهن ادارن تي ڪير قابض هوندو، ان جو اندازو رڳو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌ ۾ خانگي شعبي اندر 5 2  ڊگريون ڏيندڙ ادارا ۽ يونيورسٽيون سرگرم آهن، جن مان 3 2  ڪراچي ۾ ۽ ٻه حيدرآباد ۾ آهن. هي اهي ادارا آهن، جن جي گريجوئيٽس سامهون چٽاڀيٽيءَ ۾ اندرين سنڌ جي سرڪاري شعبي جي پنجن ئي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس شايد ئي جٽاءُ ڪري سگهن.

                فيصلا سازي ۾ اسان جي اهل نمائندگي نه هجڻ جو ئي نتيجو آهي، جو سال 7 0


õ6 0 0 2 ع واري وفاقي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ صوبي کي مليل سڀن رٿائن مان اڪثر ڪراچي شهر لاءِ رکيون ويون آهن، جن تي ڪل رٿائن جي رقم جو 3 6  سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو. جتي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سٺي معيار وارن ادارن ۽ انهن جي بجيٽن جو تناسب اهڙو هجي، اتي سنڌي ميڊل ڪلاس جي ڪيتري ۽ ڪهڙي اوسر ٿي سگهندي. 

 

(2)  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ:

                سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر اڳيان بند ٻڌڻ ۽ ان جي مزاحمتي سگهه کي چٿڻ جو ٻيو فارمولو اهو استعمال ڪيو ويو. ايم آر ڊي واري تحريڪ کان ڏهاڪو کن سال اڳي کان سنڌ جي نيم شهري علائقن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس هڪ طرف مقامي مارڪيٽ ۾ ڪجهه پير سنڀالڻ شروع ڪيا هئا ته ٻئي طرف سرڪاري ملازمتن ۽ يونيورسٽين جي ڊگرين جي نتيجي ۾ هڪ نسل آهستي آهستي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پير پائڻ شروع ڪيا هئا. هي اهو مڊل ڪلاس هيو، جيڪو هڪ ٻن ڏهاڪن اندر سنڌي سوسائٽي کي گهڻو اڳتي آڻي ٿي سگهيو. طاقت ڌڻين ان مڊل ڪلاس کي ڪر کڻڻ کان اڳ چٿڻ لاءِ مارشلائي راڄ هيٺ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪرائي ڇڏيو. 80ع  واري  ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڌاڙيلن جي ڪل ڪارروائين تي گهري ريسرچ ڪجي ته ٻه ڳالهيون چٽيون ٿي اڳيان اينديون. هڪ ته انهن جي ڪارروائين جي گهڻو تڻو مرڪز اهي علائقا رهيا، جتي سنڌي وچولي ۽ هيٺين طبقي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڀ کان سرگرم مزاحمت ڪئي هئي. ٻيو ته انهن ڌاڙيلن جي ڪارروائين جو نشانو گهڻي ڀاڱي سنڌي وچولو طبقو رهيو. جيتوڻيڪ عام تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته ڌاڙيل وڏيرن ۽ پوليس جي ظلم جي نتيجي ۾ پيدا ٿيا، پر سندن ڪارروائين جو گهڻو تڻو نشانو سنڌي مڊل ڪلاس ئي بنيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڇتي مارشل لا جي دوري ۾ جڏهن سياسي ورڪر گهر ۾ لڪڻ به رکي نه سگهندو هو، اتي اهي ڌاڙيلن جا ٽولا جديد هٿيارن سان هٿياربند هوندا هئا. سرعام وارداتون ڪندا هئا، هوٽلن تي مانيون کائيندا هئا ۽ ٻيلن ۾ ناچ ۽ راڳ جون محفلون به مچائيندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن سپر سرڪار جي مهربانين کان سواءِ ڪيئن ممڪن هيو؟ اهي گهاٽا دريائي  ٻيلا، جتي سج جو ڪرڻو نه پهچندو هئو، اتي جديد هٿيارن جا اهي انبار ڪٿان پهچندا هئا؟

                نتيجو اهو نڪتو جو اڇو ڪپڙو پائيندڙ سنڌي مڊل ڪلاس ڀنگ ۽ چٽين تي چٽيون ڀري نستو ٿي ويو. مٿان وري اغوا ٿيلن کي ڇڏائڻ جي ڪاروهنوار جي قيادت ڪندڙ وڏيرڪو طبقو ان مڊل ڪلاس تي نفسياتي طور ايترو حاوي ٿي ويو، جو چڱا ڀلا پڙهيا لکيا سيبتا ماڻهو وڏيرن جي اوطاقن جون حاضريون ڀرڻ ۾ پورا هوندا هئا. مون پنهنجي اکين سان نهايت ئي سلجهيل ۽ پاڻ ڀري وچولي طبقي جي ماڻهن کي وڏيرن کي پيرين پئي ملندي ڏٺو، ڇو ته رياست طاقت جو سرچشمو کين بنائي ڇڏيو هيو. ٻئي طرف شهرن ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي وچولي طبقي کي شهري دهشتگردن جو ڀوت بڇيو ويو. 80ع واري ڏهاڪي جي وچ کان 90ع واري ڏهاڪي جي وچ دوران شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس کي دهشتگردن هٿان جهڙي طرح چونڊي چونڊي مارايو ويو، سندن ملڪيتون ڦريون ويون ۽ بي گهر ڪيو ويو ان سنڌي مڊل ڪلاس کي شهر ڇڏي ٻيهر ٻهراڙين ڏانهن ڊوڙڻ تي مجبور ڪيو، جتي ساڳين طاقتن جا پاليل ڌاڙيل واڳون وانگر وات پٽي ويٺا هئا.

(نوٽ: مضمون جو باقي حصو سڀاڻي پڙهندا)

nmemon2004@yahoo.com