پ پ پ قيادت جون سنڌ بابت اوليتون ڇا هجڻ گهرجن؟

 

 

خميس 26  جون  2008ع 

 

                 پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي وجود ۾ آئي ٽي مهينا گذري چڪا آهن. جيتوڻيڪ ٽي مهينا حڪومت جي ڪارڪردگيءَ بابت ڪا حتمي راءِ ٺاهڻ لاءِ بنهه ٿورا آهن، پر يقينن ان مختصر عرصي دوران حڪومت طرفان ڪيل اعلانن ۽ کنيل قدمن مان ان جي لاڙن بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هونءَ ته هن ملڪ اندر سنڌ جا اصل مسئلا ايترا ته اوکا آهن، جو پارلياماني جمهوريت ڪجهه سالن جي مدي ۾ انهن جو مڪمل حل فراهم ڪري نه سگهندي، پر عام جا اهنج گهٽائڻ لاءِ ڪي قدم ضرور کڄي سگهن ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ان ڳالهه جي چڱيءَ ريت خبر آهي ته موجوده حڪومت شهيدن جي رت جي صدقي ملندڙ ووٽن جو آخري موقعو آهي ۽ هاڻ مستقبل ۾ عوام کان ملندڙ موٽ جو سڌو سنئون تعلق سندن ڪارڪردگيءَ تي هوندو. ان حقيقت جو ادراڪ هجڻ جي نتيجي ۾ اصولي طور پيپلز پارٽيءَ جي قيادت چونڊيل عيوضين توڙي مقامي سطح جي اڳواڻن کي هڪ هڪ قدم سوچي سمجهي ۽ توري تڪي کڻڻو پوندو. هر وڻندڙ اعلان کان اڳ سوچڻ گهرجي ته اهو عمل هيٺ ڪيئن ايندو ۽ هر فيصلي کان اڳ پڪ ڪرڻ گهرجي ته ان تي قائم رهڻ کي به يقيني بنايو ويندو.

جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت وفاقي سطح جي منجهايل سٽ جهڙن مسئلن ۾ وچڙيل آهي ۽ ان کي سنڌ بابت سڪون سان ويهي سوچڻ جي ساهي اڃا شايد نه ملي هجي، پر سنڌ صوبي ۾ جيئن ته معاملا ايترا منجهيل نه آهن، تنهنڪري اميد اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت گذريل ڏهاڪو کن سالن کان سنڌ سان ٿيل زيادتين (جيڪي دراصل ڇهن ڏهاڪن کان جاري آهن) جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪا بهتر رٿابندي ڪندي، سنڌ واسين جي گهڻ طرفي ترقيءَ لاءِ ڪنهن جامع پئڪيج بابت سوچيندي. اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هاڻي سنڌ کي روايتي نوعيت جي اعلانن ۽ ڇڙوڇڙ ترقياتي رٿائن جي نه، پر هڪ مربوط رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ مصيبتن مان ڇوٽڪارو هاڻ فقط بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام جون رقمون وڌائڻ ۽ مختلف کاتن جي ڇڙوڇڙ رٿائن جي اعلانن سان ممڪن ناهي. سنڌ بحرانن جي جنهن ڌٻڻ ۾ ڌڪيل آهي، ان مان وقت گذارڻ واري واٽ وٺڻ بجاءِ وڌيڪ سنجيده حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ سماجي ترقي، روزگار ۽ سماجي پاور اسٽرڪچر جي تبديلي هاڻي روايتي مسئلا نه رهيا آهن، جيڪي روايتي طريقن سان حل ٿي سگهن. تنهنڪري رڳو مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳتي وڌڻ بابت سوچڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ لاءِ هيءُ موقعو ممڪن آهي ته صرف هڪ وڌيڪ حڪومت جو وارو هجي، پر سنڌ واسين لاءِ هيءُ موقعو هاڻي سندن قومي وجود جي بقا جي سوال سان سلهاڙيل آهي. اهم سوال اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڪهڙا غير روايتي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين ڇنڊ ڇاڻ ڪري، انهن بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪجي، جن بابت ڪي حل ڳولڻ سان سنڌي سماج ۾ ڪا بنيادي خاصيتي تبديلي اچي سگهي ۽ جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ هجڻ يا نه هجڻ تي دارو مدار نه رکندي هجي.

يقينن سنڌ جا مسئلا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا يا بنهه سادا به ناهن، جيڪي رڳو سرڪاري حڪم نامن سان حل ٿي وڃن. سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن جي گهڻ رخي ۽ منجهائيندڙ هجڻ سبب اهو ضروري آهي ته پهرين انهن مسئلن جي ٺيڪ طرح سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ڪنهن ماهر طبيب جيان بيماريءَ جون پاڙون ڳوليون وڃن ۽ پوءِ انهن جي علاج لاءِ ڪي هٿ پير هڻجن. رڳو بيماريءَ جي علامتن تي مٿا ڪٽ ڪرڻ سان ڦڪيون فرق نه ڪنديون. جيڪڏهن سنڌ کي ٿوري عرصي اندر محدود طاقت ۽ وسيلن سان مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڪي نتيجه خيز حڪمت عمليون عمل هيٺ نه آنديون ويون، ته جهڙيءَ ريت هي ٽي مهينا گذري ويا آهن، تيئن ٽي سال به گذري ويندا ۽ پري پري تائين شايد نتيجا ملندي نظر نه اچن. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ حڪومت کي گذريل ٻن حڪومتن جي تجربن کي به نه وسارڻ گهرجي، جن ۾ اڪثر ڪري عارضي نوعيت جي فائدن ۽ ڪجهه وڏي مدي وارن منصوبن کي شروع ڪيو ويو، پر حڪومت جي ختم ٿيڻ شرط اهي سڀ قدم ريورس ٿي ويا ۽ سنڌي سماج اندر ڪا تبديليءَ جي اهڙي بنيادي لهر پيدا نه ٿي سگهي، جيڪا پ پ حڪومتن جي ختم ٿيڻ جي باوجود سنڌ کي ڊگهي مدي وارو فائدو ڏئي سگهي ها. خود پيپلز پارٽيءَ اڳيان سندن قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهڙا مثال قائم ڪري چڪو آهي. ڪوٽا سسٽم ۽ سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي اهم ادارن جو قيام اهي ڊگهي مدي تي ٻڌل سماجي تبديليءَ وارا قدم هئا، جيڪي پ پ حڪومت جي خاتمي يا ڀٽي جي شهادت سان ختم نه ٿيا بلڪه اڄ تائين سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ اهي قدم بنيادي محرڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اڄ ڀٽي شهيد جي دور جي بجيٽ ۾ ترقياتي رٿائن جون رقمون ڪنهن کي به ياد نه هونديون، پر ڪوٽا سسٽم ۽ ٻهراڙين ۾ اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام وسيلي هن اڄوڪي سنڌي مڊل ڪلاس جا جيڪي بنياد رکيا، سي اڄ به سنڌي سماج جي وڏي سگهه آهن ۽ ماڻهو اڄ به انهن قدمن کي ياد ڪن ٿا. بلڪل اهڙيءَ طرح موجوده پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي به سنڌ اندر ڊگهي مدي جي بنيادي تبديلين آڻڻ لاءِ ڪا جامع رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونءَ ته ننڍا وڏا اهڙا هزارين مسئلا هوندا، جيڪي حڪومت جي توجهه جا طلبگار آهن، پر بنيادي نوعيت جي ڊگهي مدي واري تبديليءَ آڻڻ لاءِ هيٺين معاملن کي اهميت ڏيڻ، رٿابندي ڪرڻ ۽ وسيلا مهيا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جنهن طرف پ پ پ قيادت کي هڪدم ڌيان ڏيڻ گهرجي.

(1) ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ امن امان جو قيام.

(2) ٻهراڙين ۾ اعليٰ تعليم جا معياري ادارا قائم ڪرڻ.

(3) ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي هنري سکيا ڏئي، ڏيهه پرڏيهه ۾ موڪلڻ.

(4) پرائمري تعليم جي برباديءَ کي روڪي، ميرٽ ۽ صلاحيت کي مان ڏئي سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي مڪمل بحالي.

(5) سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ اجهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي وسندين کي قانوني حيثيت ڏيارڻ.

(6) ٻهراڙين ۾ زرعي بنيادن واري صنعت کي هٿي وٺائڻ.

(7) زراعت، چوپائي مال ۽ گهرو هنرن کي هٿي ڏياري، هيٺئين طبقي کي غربت مان ڪڍڻ.

(8) اهم سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي باصلاحيت ۽ تربيت يافته قيادت فراهم ڪرڻ.

(9) سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگيءَ جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ مربوط معياري انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ.

(10) سنڌ جي قدرتي وسيلن مان ٿيندڙ آمدني سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ٺيڪ نموني خرچ ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي قدرتي وسيلن واري صنعت ۾ روزگار جي موقعن ۾ اوليت ڏيارڻ.

جيڪڏهن سنڌ م پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت مٿين ڏهن (يا اهڙن ڪن ٻين) نڪتن کي پنهنجي حڪومتي ۽ پارٽي سطح جي اوليت قرار ڏئي، انهن بابت رڳو سرڪاري ادارن جي مشينريءَ تي ڀاڙڻ بدران سول سوسائٽي، پارٽي جي اهم اڳواڻن، ذميوار شهرين کي به ان اهم ڪم جو حصو بنائي ته ٽن کان پنجن سالن اندر نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. سرڪاري مشينريءَ جو حل ۽ پيپلز پارٽيءَ اندر موجود ڪيڊر کي نظر ۾ رکندي، اها ڳالهه خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿي ته مٿين اهم ڪمن لاءِ رڳو اعلان ڪرڻ ۽ بجيٽ ۾ رقمون رکڻ ڪافي ناهن، پر ان لاءِ هڪ اهڙي جامع رٿابندي ۽ ادارتي جوڙجڪ جي ضرورت آهي، جيڪا روايتي ضابطن ۾ وچڙڻ بدران آزاد حيثيت ۾ ان نوعيت جي پئڪيج جا تفصيل جوڙي، عمل درآمد لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ۽ ان تي عمل جي معيار ۽ رفتار جي نظرداري به ڪري. سرڪاري مشينري ان پئڪيج کي عمل هيٺ آڻڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پر سکڻو ان تي ڀاڙڻ سان جيڪڏهن ڪجهه ٿيڻو هجي ها ته هن وقت تائين ٿي چڪو هجي ها.

 اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ هاڻي هڪ مختلف دنيا جو حصو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت جي انت اچڻ کان اڄ تائين ٻارنهن سالن اندر دنيا ذري گهٽ ٻارنهن ڏهاڪن جو سفر طئي ڪري چڪي آهي. يارهين سيپٽمبر واري واقعي کان پوءِ آيل علائقائي ۽ عالمي اٿل پٿل ۾ پاڪستان جيڪا شڪل اختيار ڪئي آهي، تنهن ۾ بينظير ڀٽو سنڌ لاءِ آئيندي جي هڪ وڏي اميد هئي، پر بدقسمتيءَ سان اڄ اها اسان وٽ موجود نه آهي. پاڪستان جي سياسي ڍانچي اندر سنڌ کي گذريل ڏهاڪي اندر جهڙيءَ ريت ڀت سان لڳايو ويو آهي، ان ۾ سنڌي قوم کي نئين سر منظم ڪرڻ ۽ ان ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي شديد ضرورت آهي. سنڌ ۾ متبادل قيادت جي نه اڀرڻ سبب هڪ اهڙو وڏو خال موجود آهي، جنهن کي جيڪڏهن مثبت قوتن نه ڀريو ته سنڌ کي تمام وڏو نقصان پهچندو. نئين دور جي اولين تقاضا آهي ته سنڌ اندر پيداواري سرشتي، سماجي ڍانچي ۽ پاور اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديليون آنديون وڃن. هي اهي تبديليون آهن، جن کي رياستي ادارا سنڌ اندر وڏيرا شاهي، شهرن ۾ قابض مختلف قوتن ۽ ايجنسين وسيلي روڪيندا رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته اها سنڌ واسين جي نمائنده جماعت هجڻ جي حيثيت ۾ انهن رڪاوٽن کي پاڙئون پٽي، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ راهه هموار ڪري. هي ٽاسڪ جيئن ته بنهه مختلف نوعيت جو آهي، تنهنڪري ان کي الڳ قسم جي قيادت ۽ ادارتي جوڙجڪ جي گهرج آهي. اهو به امڪان آهي ته سرڪاري نوڪر شاهي ۽ پارٽيءَ اندر ويٺل ڪي حلقا ان نوعيت جي بنيادي تبديلين جي مزاحمت به ڪن. ان لاءِ هڪ منظم ادارتي جوڙجڪ ۽ اهل قيادت بنيادي ضرورتون آهن. ان نوعيت جي ادارتي ڍانچي ۽ روڊ ميپ لاءِ ڪجهه تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون.

. سنڌ حڪومت صوبي ۾ عوام جي ترقيءَ لاءِ مٿي ڄاڻايل نڪتن جي نوعيت تي ٻڌل هڪ پنج ساله پئڪيج کي رسمي طور عوام آڏو ڊرافٽ طور پڌرو ڪري.

. ان ڏس ۾ سول سوسائٽي ۽ عوامي حلقن کان 15 ڏينهن اندر رايا گهرايا وڃن. وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ سيل ”سنڌ ڊيولپمينٽ پروگرام“ طور قائم ڪيو وڃي، جيڪو عوامي حلقن مان ملندڙ راين کي نظر هيٺ رکي، ان پئڪيج کي حتمي شڪل ڏئي.

. ان پئڪيج جي هر نڪتي کي کڻي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ٽن کان چئن هفتن اندر ان نڪتي جو تفصيلي ايڪشن پلان تيار ڪري. مثال طور ٻهراڙين جي نوجوانن کي هنري سکيا ۽ روزگار فراهم ڪرڻ واري ڪميٽي پنهنجي تفصيلي پلان ۾ اهو ڄاڻائي سگهي ٿي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ پرڏيهه جي ڪهڙن ملڪن ۾ ڪهڙن هنرن جي گهرج آهي. انهن هنرن جي سکيا لاءِ ڪهڙا مادي، مالي ۽ انساني وسيلا گهربل هوندا. اهي هنري مرڪز ڪٿي قائم ٿيندا. ان سڄي عمل جي ادارتي جوڙجڪ ڪهڙي هوندي، ان لاءِ ڪيترا وسيلا گهربل هوندا ۽ مختلف ڪمن جو ٽائيم فريم ڇا هوندو وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح هر نڪتي بابت ڪميٽي (جنهن ۾ ان شعبي جا ماهر ۽ چونڊ سرڪاري عملدار شامل هوندا) پنهنجو پنهنجو ڊرافٽ يا ايڪشن پلان تيار ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي راءِ لاءِ عام ڪن.

. ٻن هفتن اندر عوامي حلقن مان ملندڙ راين جي روشنيءَ ۾ ان پلان کي حتمي شڪل ڏئي، ڪابينا آڏو پيش ڪيو وڃي. ان ريت ٽن مهينن اندر سنڌ ڊيولپمينٽ پروگرام جو خاڪو تيار ٿي سگهي ٿو. بظاهر سرڪاري نظام اندر ان سڄي ڪم لاءِ ٽي مهينا بنهه ٿورو عرصو آهي، پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي گهڻ رخي ترقيءَ لاءِ ان رفتار سان ڪم نه ڪيو ويو ته هن حڪومتي مدي دوران (فرض ڪريو ته حڪومت پنج سال پورا ڪري ٿي وٺي) ان پئڪيج جو پنجاهه سيڪڙو به عمل هيٺ اچي نه سگهندو. جيڪڏعن پ پ پ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت سنڌ کي اوليت ڏئي، ڏينهن رات هڪ ڪري ان پئڪيج کي بينظير ڀٽو ۽ سنڌ جو فرض سمجهي کڻي ته اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي. ضرورت ان عمل لاءِ قيادت جي ڪمٽمينٽ ۽ درست متحرڪ قيادت فراهم ڪرڻ جي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت کي خود ان ڪم لاءِ پنهنجي ڪمٽمينٽ ڏيکارڻي پوندي. باقي سنڌ کي غير حاضر زمينداري (Absentee land lord ship) واري رويي سان ترقي ڏيارڻ ممڪن ناهي.

. پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي توڙي صوبائي قيادت کي ان پروگرام کي اهميت ان ريت ڏيڻ گهرجي، جو ان پروگرام جي پروگريس رپورٽ کي پارٽيءَ جي مرڪزي توڙي صوبائي ڪائونسل جي هر اجلاس جي ايجنڊا تي مستقل طور رکيو وڃي.

. پروگرام جي هر نڪتي تي عمل درآمد لاءِ هڪ الڳ ڪاميٽي هجڻ گهرجي، جنهن جي سرواڻي ڪنهن اهل ٽيڪنو ڪريٽ کان ڪرائي وڃي. لاڳاپيل کاتي جا عملدار ان ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿي سگهن ٿا. هر کاتو پنهنجي ايڪشن پلان کي سالياني پروگرام جو حصو بنائي.

. ان پروگرام لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن جي سرواڻي خود سنڌ جو وڏو وزير ڪري. اهم کاتن جا وزير، سيڪريٽريز، سنڌ جو چيف سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري ۽ اي سي ايس ڊيولپمينٽ ان ڪميٽيءَ تي ميمبر هجڻ گهرجن. جڏهن ته سرڪاري عملدارن جي برابر انگ ۾ غير سرڪاري ميمبر به کنيا وڃن. ان ۾ سول سوسائٽيءَ جا سٺي اهليت ۽ ڪردار وارا ماڻهو، تعليم سميت مختلف شعبن جا ماهر ميمبر طور کنيا وڃن.

. هن ڪميٽيءَ جو اجلاس هر ٽن مهينن کان پوءِ ٿيڻ کپي ۽ اهو پوري ڏينهن جو ورڪشاپ هجڻ کپي، جنهن ۾ پروگرام جي پراگريس رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ عملدرآمد جي رفتار ۽ معيار تي بحث ڪيو وڃي. روايتي سرڪاري اسٽيئرنگ ڪميٽي واري ميٽنگ ان لاءِ ناڪافي آهي.

. هن پروگرام جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ الڳ آزاد مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا ان پروگرام جي معيار بابت آزاداڻي نگراني ڪري. ان مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ پروگرام اسٽيئرنگ ڪاميٽي ۽ پارٽيءَ جي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ بحث هيٺ آندي وڃي.

. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي پهرئين ڏينهن کان اهو واضح ڪرڻ گهرجي ته هي پروگرام هر طرح جي سياسي مداخلت کان آجو هوندو ۽ هر شعبي جا سمورا فيصلا  نج ميرٽ جي آڌار تي ڪيا ويندا. هيءُ اهڙو معاملو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت کي ماضيءَ جي سمورين غلط روايتن کي خدا حافظ چئي، سنڌ خاطر هر فيصلي ۾ ميرٽ کي مان ڏيڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ هن پروگرام جو حشر به باقي پروگرامن جهڙو ٿيندو. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته سندس عهديدار، وزير ۽ جيالا سموري عزت ۽ احترام جي باوجود سنڌ جي آئندي کان مٿانهان ناهن، تنهنڪري هن اهم ڪم خاطر انهن مان ڪن جي ناراضگي به کڻڻي پوي ته ان کان نه ڪيٻايو وڃي.

. هن پروگرام لاءِ طئي ٿيل فنڊن جي فراهميءَ کي بيوروڪريسيءَ جي ڳاڙهي فيتي کان آجو رکيو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڀٽي خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. تنهنڪري سنڌ کي ان جي موٽ رڳو ڪجهه هزار نوڪرين ۽ ڇڙوڇڙ ترقياتي رٿائن سان نه پر ڊگهي مدي واري ترقيءَ جي جامع پروگرام سان ملڻ گهرجي. ظاهر آهي ته هن قسم جو پروگرام روايتي سرڪاري ڍانچي ۽ نظام هٿان عمل هيٺ نه اچي سگهندو، تنهنڪري ان پروگرام جي اثرائتي عمل درآمد لاءِ مدي خارج بيوروڪريٽڪ رنڊڪن کي هٽائڻو پوندو ۽ ان لاءِ وزير اعليٰ کي پنهنجا سمورا اختيار استعمال ڪري، ان تي وقت سر عمل درآمد کي يقيني بنائڻو پوندو.

هي سڀ ڳالهيون نه الف ليلوي داستان آهن ۽ نه اڻ ٿيڻيون آهن. جيڪڏهن شهيد ڀٽو پنهنجي دور ۾ Lateral entry ۽ ڪوٽا سسٽم جهڙن نواڻ ڀريل تصورن کي عمل هيٺ آڻي، سنڌ ۾ ڊگهي عرصي جي تبديليءَ جا بنياد رکي سگهي ٿو ته پوءِ اڄوڪي دور ۾ اهڙا قدم ڇو ممڪن ناهن. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي مسئلن جي الجبرا ايتري سادي ناهي، جنهن کي سرڪاري ڍانچي وارن ترقي روڪ فارمولن سان حل ڪري سگهجي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ واسين کي ٽن ڏهاڪن جي قربانين جي عيوض ڪجهه ڏيڻ گهري ٿي ته پوءِ ان کي روايتي سوچ ۽ ائپروچ کي تبديل ڪري، غير روايتي ائپروچ اختيار ڪرڻي پوندو.

nmemon2004@yahoo.com