مسئلن تي بحث سان گڏ متبادل حل ڳولڻ جي ضرورت!

 

 

جمع 30 اپريل 2010ع

 

اڄوڪي سنڌ تي نظر ڦيرائڻ سان ڪجهه ڳالهيون هر هنڌ هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون. اهي آهن مايوسي، ويڳاڻپ، آئيندي جي غير يقيني هجڻ جو خوف، سڀ ڪجهه لٽجي وڃڻ جي شڪايت،  ظلم ۽ ناانصافيءَ جي دانهن ۽ ان جهڙيون ٻيون انيڪ علامتون. انهن سمورين ڳالهين سنڌ واسين جا ذهن مڏا ڪري رکيا آهن ۽ نتيجي ۾ سنڌ اندر آپگهاتن، مظاهرن، بک هڙتالن ۽ مطالبن جا منظر روز جو معمول بنيل آهن. اسان جي لکڻين، تقريرن ۽ سياسي  مذاڪرن ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو غور سان جائزو وٺبو ته ان جو وڏو حصو پڻ سنڌ سان سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ گذريل ڇهن ڏهاڪن جي ظلمن ۽ زيادتين جو ذڪر ئي ڇانيل هوندو آهي. يقينن اهو سڀ ڪجهه وڏي حد تائين حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي، پر ان سڄي وايومنڊل ۾ هڪ اهم ڳالهه جي کوٽ آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکيو، ڳالهايو ۽ سوچيو ٿو وڃي ۽ اها ڳالهه آهي، پريشانين ۽ مسئلن جي ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي اڳتي وڌڻ جي رستن جو ذڪر. اخباري ڪالمن، ٽي وي مذاڪرن ۽ سياسي تقريرن ۾ مجموعي طور ان هڪ رخ جو تمام وڏو خال آهي. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ماضيءَ جي ناانصافين ۽ اڄوڪين زيادتين سميت اسان جون سموريون دانهون ڪوڪون جائز ۽ حق تي ٻڌل آهن، پر صرف انهن تي ڳالهائيندو ۽ لکندو رهڻ سان نجات جون راهون نه کلنديون. قوم جي اڳواڻن ۽ سياڻن سيبتن ماڻهن جي اها به ذميواري آهي ته اهي قوم کي مسئلن جي ان ڌٻڻ مان نڪڙڻ جا رستا به ٻڌائين ۽ کين ان رستي تائين پهچڻ لاءِ گس به ڏسين.

ممڪن آهي ته ڪجهه دوست منهنجي ان راءِ سان سهمت نه به ٿين، پر منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر  رڳو مريض کي اهو ئي ٻڌائيندو رهي ته توکي فلاڻي فلاڻي بيماري آهي ۽ روز کيس دوا ۽ علاج بجاءِ رڳو مرض جو ئي ٻڌائيندو ته پوءِ اهڙو مريض رڳو بيماريءَ جي خوف ۾ ئي مري ويندو. سنڌ جي سوچيندڙ ذهنن، ليکڪن، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن کي سنڌي قوم کي هن نفسياتي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ علاج به تجويز ڪرڻو پوندو. بدليل دنيا ۾ مسئلن جا جديد حل ڳولڻ نهايت اهم ڪم آهي، جيڪو ضرور ڪرڻو پوندو.

مڃون ٿا ته اسان جي آس پاس موجود اڪثر قوتون اسان جي اڳتي وڌڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪنديون رهن ٿيون، پر رڳو رڪاوٽن کي نندڻ سان اهي ختم نه ٿي وينديون. اسان کي منزل تي پهچڻ لاءِ يا ته اهي رڪاوٽون اورانگهڻيون پونديون يا وري متبادل رستا ڳولڻا پوندا. هونءَ ته سنڌ کي درپيش مسئلن جي فهرست تمام ڊگهي آهي ۽ انهن مان ڪن جا متبادل حل ڳولڻ ايترو آسان به ناهي، پر ڪن اهم ۽ گهڻ وقتي بحث هيٺ رهندڙ مسئلن کي هتي بحث هيٺ آڻيون ٿا. انهن ۾ بيروزگاري، تعليم جي تباهي ۽ ٻهراڙين ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وغيره اهم مسئلن ۾ ڳڻجن ٿا. ان کانسواءِ سياسي نوعيت جا ٻيا بنيادي مسئلا مثلن ناڻي جي ورڇ، قدرتي وسيلن تي مالڪي ۽ آئيني حق وغيره جهڙا معاملا  به آهن، جن جو حل گهڻ رخي ۽ ڊگهي مدي واري سياسي جدوجهد ئي آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ اندر جدوجهد جي تاريخ نهايت اتساهيندڙ آهي.

بيروزگاري اڄ جي سنڌ ۽ خاص طور تي نوجوان نسل جو اهم ترين مسئلو آهي. ان مسئلي پٺيان بنيادي ڪارڻ سنڌ ۾ زرعي معيشت جو زوال پذير ٿيڻ، صنعتي ترقي نه ٿيڻ ۽ سرڪاري نوڪرين تي پابندي هجڻ آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ روزگار جو لازمي مطلب سرڪاري نوڪري ئي سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي نوجوانن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو خواب يا حاصلات سرڪاري نوڪري رهي آهي. وڏڙن کان هميشه سرڪاري نوڪريءَ جي سکن جون ڪهاڻيون ٻڌي اسان اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ڌرتيءَ تي قدرت جي وڏي ۾ وڏي نعمت سرڪاري نوڪري آهي، خاص طور تي جيڪڏهن اها اباڻي ڳوٺ ۾هجي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڻو ڪري ڪم نه ڪار، پهرين تاريخ تي پڪي پگهار ۽ پوسٽنگ سٺي هجڻ جي صورت ۾ چڱي چوکي حرام جي ڪمائي ان جي اڻ مٽ خوبين مان آهن. اهو ئي سبب آهي جو هنرمنديءَ جي آڌار خانگي شعبي خاص ڪري شهري صنعت ۾ روزگار حاصل ڪرڻ يا ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪرڻ کي اسان ڪڏهن آپشن طور سوچيو ئي ناهي. هن دور ۾ به جڏهن اسان ملڪ ۾ تمام گهڻي بيروزگاريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، ننڍن وڏن شهرن ۾ اليڪٽريشن، پلمبر يا گيريج مستري اسان کي سوَ ۾ هڪ ٻه سنڌي نوجوان مس نظر ايندا. ويندي ٻهراڙين جي ننڍن ننڍن شهرن ۽ يونين ڪائونسل هيڊ ڪوارٽرن ۾ جتي، سوين نوجوان سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جون کوکليون ڊگريون کنيو حڪومت ۽ وفاق کي پٽيندا رهن ٿا، اتي به ڪنهن جي گهر ۾ بجليءَ جو بٽڻ به خراب ٿئي ٿو ته ان کي ٺاهڻ وارو پنهنجن مان نٿو نظر اچي، جيتوڻيڪ ڏيڍ ڏهاڪي کان سرڪاري نوڪرين تي پيل بندش سبب هاڻي اسان جي نوجوانن جو ٿورو گهڻو لاڙو ان پاسي ٿيو آهي، پر اڃا به تمام گهڻي کوٽ آهي. اڄ به شهري ۽ نيم شهري صنعت ۽ ڪاروبار ۾ هنرمند هٿن جي گهرج آهي، پر اسان وٽ نوڪريءَ کانسواءِ روزگار جي ٻين ذريعن تي سوچڻ جو رواج ئي ناهي. سرڪاري نوڪرين کانپوءِ اڄڪلهه اين جي اوز ۾ نوڪري ڳولڻ جو رواج عام آهي. مون کي ذري گهٽ روزانو ڪنهن نه ڪنهن بيروزگار نوجوان طرفان ڪنهن اين جي اوز ۾ ڪا به نوڪري ڏيارڻ لاءِ اي ميل يا ٽيڪسٽ ميسيج ايندو آهي. انهن مان جن کي به ڪو هنر سيکارڻ ۾ مدد ڪري روزگار ڳولڻ لاءِ چيو هوندو ته هڪ ئي جواب آيو هوندو ته نوڪري کپي. هڪ ڳالهه اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سرڪاري توڙي خانگي شعبي ۾ هاڻي نوڪريون ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيون آهن ۽ ٽيبل ورڪ يا فيلڊ جون نوڪريون ايترو سلائي سان نه ٿيون ملي سگهن. ان لاءِ ڪيريئر ۾ هيٺين سطح کان سخت جاکوڙ ڪري جڳهه ٺاهڻي پوي ٿي ۽ هاڻي سفارشي شارٽ ڪٽ سان ڪي چند ماڻهو ئي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا، نه ته باقي اڪثريت کي پنهنجي اهليت ۽ محنت تي ئي ڀاڙڻو پوندو. اها ڳالهه اسان جي نوجوانن کي جيستائين سمجهه ۾ نه ايندي،  تيستائين اهي ائين شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ هٿ پير هڻندا رهندا، پر کين باعزت روزگار سولائي سان نه ملي سگهندو. ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد، ڪوٽڙي ۽ ٻين صنعتي علائقن ۾ هزارن جي انگ ۾ ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻهو روزگار حاصل ڪن ٿا، پر اسان جي نوجوانن جو اڪثر لاڙو سرڪاري ۽ اين جي اوز جي نوڪرين  ڏانهن آهي. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ٽڪي سير بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون ورهائي ان لاڙي کي ويتر هٿي ڏني آهي. مڃون ٿا ته صنعتي شعبي ۾ سياسي اقربا پروريءَ جو به عمل دخل آهي، پر پوءِ به پنهنجو ڪم ڄاڻيندڙ ۽ محنت ڪندڙ ماڻهو پنهنجي جڳهه ٺاهي وڃن ٿا. اهڙا سوين سنڌي نوجوان هينئر ان شعبي ۾ نظر به اچن ٿا. بدقسمتيءَ سان  سنڌ ۾ صنعتي شعبو تمام محدود آهي ۽ اهو گهڻو تڻو ڪراچيءَ تائين محدود آهي. پنجاب جيان سنڌ ۾ گاديءَ واري شهر کان ٻاهر صنعتي مرڪز نه هجڻ جي برابر آهن، نوابشاهه، خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صنعتي زون بابت عرصي کان خبرون ٻڌجن پيون، پر ٿورو گهڻو سکر کي ڇڏي باقي هنڌن تي سيڙپڪاري نه پئي ٿئي. ان جا  ڪيئي حقيقي ۽ افسانوي ڪارڻ آهن، پر ظاهر آهي ته ڪراچي به سنڌ جي گادي آهي، جيڪڏهن قبائلي علائقن ۽ هزاره کان ماڻهو اتي اچي روزگار ڪن ٿا ته پوءِ خيرپور ۽ عمرڪوٽ ته وري به ڪراچيءَ  کي ويجها آهن. جيڪڏهن سنڌي نوجوان ڪيريئر جي شروعات ۾ ٿوري گهڻي تڪليف کڻي ٻه ٽي سال ڏکيائون برداشت ڪرڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿين ته ان شعبي ۾ ڪافي بهتر ڪيريئر جا امڪان آهن. ان لاءِ اسان کي ڳوٺن جي هوٽلن جون ڪچهروين سهائي سخت پورهئي ۽ ڏکين حالتن ۾ رهڻ لاءِ شهرن جو رخ ڪرڻُ پوندو. جيستائين ٻهراڙين ۾ صنعت پهچي، اسان کي شهرن جو رخ ڪرڻ گهرجي. هينئر به ڪراچيءَ جي صنعتي شعبي ۾ ويهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. اهو ته ٿيو ليبر ڪلاس جي روزگار جو معاملو، پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ به روزگار ان ئي قسم جي غير رسمي ۽ صنعتي شعبي ۾ آهي. پر ان شعبي ۾ وائيٽ ڪالر واريون نوڪريون تمام گهٽ هونديون آهن. سخت چٽاڀيٽي سبب ان شعبي جي مئنيجمينٽ ۽ ايڊمنسٽريشن وارن ڪيڊرس ۾ پهچ به آسان ناهي. انگريزي ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪمزور هجڻ سبب اسان جا نوجوان شهري علائقن جي تعليمي ادارن جي گريجوئيشن جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. ٻهراڙين ۾ سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين ۾ ڪن ٿورن کي ڇڏي باقي بيچلرس ۽ ماسٽرس جون ڊگريون اهي همراهه وٺي نڪرن ٿا، جن کي انگريزي ته ڇڏيو سنڌيءَ ۾ به چار سٽون صحيح لکڻ نه ٿيون اچن. ٻهراڙين جون سرڪاري يونيورسٽيون گهڻو ڪري ڪرپٽ ايڊمنسٽريشن، تنظيمي سياست ۾ مصروف استادن ۽ ڪالر کڙڪائي هلندڙ شاگردن سان ڀريل آهن، جتي سکڻ ۽ سيکارڻ وارا ٻئي ڪم گهٽ نظر اچن ٿا. ٻئي طرف ڪراچيءَ جا خانگي تعليمي ادارا آهن، جتي سکڻ ۽ سيکارڻ کانسواءِ ٽيون ڪو به ڪم نٿو ٿئي. ظاهر آهي ته ان ماحول ۾ اسان جي ٻهراڙين جا گريجوئيٽس ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندا. ان لاءِ هڪ طرف اسان جي گهڻ گهرن ۽ سياسي قيادت کي ٻهراڙين ۾ يونيورسٽين جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته ٻئي طرف سرنديءَ وارن کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي شهرن جي بهتر تعليمي ادارن ۾ موڪلين. خانگي شعبي جي تعليمي ادارن ۾ نسلي  بنيادن تي داخلائن کان روڪڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي، تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪي ماڻهو خرچ ڀري سگهن ٿا، کين گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن کي زيبسٽ، آءِ بي اي وغيره ۾ داخلائون ڏيارين ته جيئن مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ به اسان جي نوجوانن کي پير رکڻ جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن.

ساڳي طرح شهري ۽ نيم شهري علائقن ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار روزگار جو بهترين ذريعو آهن، ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۽ پختونن ۾ اهو لاڙو تمام گهڻو آهي. خاص طور تي چار  ڏهاڪا اڳ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ڪراچي اندر پير رکندڙ پختونن ننڍن وچولن ۽ هاڻي وڏن ڪاروبارن ۾ زبردست اڳڀرائي ڪئي آهي. فٽ پاٿ وارن ننڍن ڪاروبارن ۾ تمام معمولي سيڙپڪاري ٿئي ٿي جڏهن ته ان جي آمدني گهر هلائڻ ۽ گذر  ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. ڪراچيءَ جي فٽ پاٿن تي برگر ۽ چانهن وڪڻندڙ ماڻهو به گهٽ ۾ گهٽ سورهين گريڊ جي حلال واري پگهار جيتري ڪمائي ڪن ٿا. انهن ننڍن ڪاروبارن کان شروعات ڪندڙ هزارين ماڻهو وچولي ۽ وڏي ڪاروبار تائين  پهچن ٿا ۽ انهن جي ڪمائي ڪهڙي به طرح ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کان گهٽ نه هوندي آهي. اڄڪلهه هزارين سنڌي نوجوان ٻن کان پنجن لکن رپين تائين رشوت عيوض ڪچي سرڪاري نوڪري وٺڻ لاءِ آتا آهن،  جڏهن ته ان رقم مان وڏي آرام سان ڪو ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ٻن ٽن سالن جي مستقل مزاجي ۽ محنت سان سرڪاري نوڪريءَ کان وڌيڪ آمدني ڏئي سگهي ٿو. ان لاءِ اسان کي پنهنجي  نام نهاد سماجي رتبي واري مٿي جي ڦيريءَ کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. خانگي شعبي، غير رسمي شعبي ۽ ننڍن/وچولن ڪاروبارن سان نه رڳو گهر هلائي سگهجي ٿو، پر ساڳي وقت هڪ اسرندڙ شهري وچولي طبقو به پيدا ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سنڌي سماج اندر فرسوده جاگيرداڻي ڍانچي کي به تبديل ڪري سگهي ٿو.

اهڙي طرح روزگار جي معاملي ۾ هڪ طرف سرڪاري نوڪرين ۾ پنهنجي حصي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، پر ساڳي وقت بيروزگاريءَ سبب پاڻ کي ساڙڻ، آڀگهات ڪرڻ، بازارن ۾ ٻار وڪڻڻ يا اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ڦاسڻ بجاءِ متبادل ذريعن لاءِ هٿ پير هڻڻ گهرجن، نوڪريءَ بجاءِ هنرمندي ۽ ننڍي سيڙپڪاريءَ سان شهري علائقن ۾ گذر سفر جا موقعا تلاش ڪري ڪنهن حد تائين ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سنڌ واسين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن کي گهرجي ته اهي ٻهراڙين جي نوجوانن کي ان پاسي لاڙو ڪرڻ لاءِ اتساهين ۽ سندن واهر ڪن ته جيئن اهي نوڪريءَ واري غلاماڻي سوچ مان نڪري پاڻ ڀرائيءَ وارن طريقن کي اختيار ڪن.

جيستائين سوال آهي ته سرڪار ان ڏس ۾ ٻهراڙين جي نوجوانن جي ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿي ته ان لاءِ ذهن ۾ واضح ڪرڻ گهرجي ته سرڪار رڳو نوجوانن لاءِ سرڪاري نوڪرين جا اعلان ڪري کين وڏيرن جي اوطاقن ۽ وزيرن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽرائيندي، ڇو ته سندن وڏيرڪي خراج واري سياست ماڻهن کي پاڻ ڀرو ٿيڻ بجاءِ سندن محتاج رکڻ تي ئي هلي سگهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هنن شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان شروع ڪيل يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جهڙي زبردست آئيڊيا کي به سياسي رشوت جو ذريعو بنائي ان کي وظيفن ورهائڻ وارو پروگرام بنائي ڇڏيو آهي، جتان هنرمند نوجوانن بجاءِ بي هنر فرسٽريٽ ٿيندڙ نوجوانن جي هڪ نئين کيپ برآمد ٿيڻ جو امڪان آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه نوجوان وري به ان مان فائدو حال ڪري وٺندا، پر نوجوانن جو هڪ تمام وڏو انگ سياسي اقرباپروريءَ سبب ان پروگرام مان گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهندو. سچي ڳالهه اها آهي ته هاڻوڪي حڪومت وٽ ٻهراڙين ۾ ترقي آڻڻ ۽ ٻهراڙين جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين جو نشو ڏيڻ بجاءِ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ وارا پروگرام شروع ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو هئو، جيڪو حڪمرانن جي ڪوتاهه نظري ۽ عارضي سياسي مفادن سبب ضايع ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري حڪومت مان ڪنهن واهر جو آسرو ڪرڻ بجاءِ ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن ۽ تنظيمن کي متبادل رستن لاءِ پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان ئي ايئپروچ سان اسان کي سنڌي سماج کي درپيش ٻين سماجي مسئلن جا به حل ڳولڻا پوندا. سنڌ جي گهڻ گهرن، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ سماجي ورڪرن کي گهرجي ته هو مسئلن جا متبادل حل ڳولين ۽ انهن تي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائن ته جيئن اسان رڳو مسئلن جو ليڪو ڪٽڻ بجاءِ حل جي رستن تي به اڳتي وڌي سگهون. مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ انهن جي حل لاءِ مطالبا ڪرڻ اهم آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ انهن لاءِ عملي اڳڀرائي ڪرڻ آهي.

ايندڙ مضمون ۾ اسان سنڌ ۾ تعليم جي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ متبادل حل تي بحث ڪنداسين.

nmemon2004@yahoo.com